وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ جي سنڌي معنيٰ
”۽ پر جيڪو پنھنجي رب جي سامهون بيھڻ کان ڊڄندو رھيو.“
(قرآن مجيد جي سورہ النازعات جي آيت نمبر 40 جو ھڪ حصو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"But as for him who feared standing before his Lord"
(Holy Quran, Soorah Al-Naze'aat, verse number 40)
وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ جا بيتن ۾ حوالا
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ،
وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ ، اِيءُ لَنگِهيائِين لَنگهُہ،
سِڪَندِيَنِ کي سَيِّدُ چئَي، ڪِينَ جَهلِيندو جَهنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 14 ]

جَي تُون ٿِيين اللهَ جو، تَہ عالَمُ سَڀَ سَندوءِ،
مَنْ لَّہٗ الْمُوْلٰی فَلَہٗ الْڪُلُّ ، پِرِيَنِ پاڻَ اُتوءِ،
ڪَپَرُ ڪِينَ ڪَندوءِ، وانءُ لهِرِنِ گَڏِيو.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 17 ]

پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ،
مَنْ عَرَفَ نَفْسَهُ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّهُ ، اِھوئِي آچارُ،
وِندُرَ مَنجِهہ واپارُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 5 ]

جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ،
اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا،
مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو عَلِيءَ شاھَ،
اَڃا ھِنَ حَدِيثَ جو، مُون کي آسِرو آھِ،
پُنهونءَ جي پَيغامَ تان، مُنھِنجو مَوتُ مُباحُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجا، مَنَ ميڙائو مُون ٿِئي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 1 ]

وِھَندَنِ کي ويڪَ ٿِئي، ھُوندَنِ ڪونِهي ھَنڌُ،
مَنْ لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الڪُلُ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَنڌُ،
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 9 ]

عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ،
مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ،
جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ تَڪِيو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 10 ]

الِفَئُون آديسِيَنِ کي، سَدا سُورَ چُرَنِ،
اَندَرِ تَنِ آديسَ جا، مَحَبتَ مَچَ ٻَرَنِ،
اُلُفَتَ عَزِيرِي ناھِ ڪا، نَڪِي جَهنگِ ھَلَنِ،
اَللهُ لَطِيفٌ بِعِبَادِهِ يَرْزُقُ مَنْ يَشَاءُ ، آيَتَ اِيءَ پَڙَهنِ،
سَناسِي سَهڙَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 29 ]

مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ،
سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن نَوَنِ،
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ ، اِھَڙِيءَ پُرِ پُرَنِ،
وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
ڪُلُّ مَنْ عَلَيْـهَا فَانٍ ، باقِي ڪِينَ پَچَنِ،
مَا زَاغَ الۡبَصَرُ وَمَا طَغٰى ، اِھَڙِي رَوِشَ رَوَنِ،
مُشاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِيَنِ،
بِى يَسْمَعُ وَ بِى يُبْصِرُ ، بِي وِصالِ وِھَنِ،
بي يَمشِي وَ بي يَنطِقُ ، ٿا ايھِيءَ چالِ چَلَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇين ٿو ڪِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 1 ]
سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن نَوَنِ،
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ ، اِھَڙِيءَ پُرِ پُرَنِ،
وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
ڪُلُّ مَنْ عَلَيْـهَا فَانٍ ، باقِي ڪِينَ پَچَنِ،
مَا زَاغَ الۡبَصَرُ وَمَا طَغٰى ، اِھَڙِي رَوِشَ رَوَنِ،
مُشاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِيَنِ،
بِى يَسْمَعُ وَ بِى يُبْصِرُ ، بِي وِصالِ وِھَنِ،
بي يَمشِي وَ بي يَنطِقُ ، ٿا ايھِيءَ چالِ چَلَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇين ٿو ڪِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 1 ]
English Meaning
"But as for him who feared standing before his Lord"
(Holy Quran, Soorah Al-Naze'aat, verse number 40)
وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ ٻول جا زمرا