واپارُ جي سنڌي معنيٰ
وڻج، سوداگري، سودو، تجارت، ڌنڌو، ڪم، پيشو، ڪِرت، ڪار، دوڪانداري. وهنوار، لھ وچڙ. مال. دوستي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Trade, traffic, merchandize.
واپارُ جا بيتن ۾ حوالا
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ،
مَنْ عَرَفَ نَفْسَهُ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّهُ ، اِھوئِي آچارُ،
وِندُرَ مَنجِهہ واپارُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 5 ]
مَنْ عَرَفَ نَفْسَهُ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّهُ ، اِھوئِي آچارُ،
وِندُرَ مَنجِهہ واپارُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 5 ]
ڏِسَنديئِي ڏياچَ کي، مَرَڪِئو مَڱَڻَھارُ،
اَڄُ مُنھِنجو اَگِهئو، وِڄا جو واپارُ،
ڪاٽِبو ڪَپارُ، مَٿو مُندائِتو ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 2 ]
اَڄُ مُنھِنجو اَگِهئو، وِڄا جو واپارُ،
ڪاٽِبو ڪَپارُ، مَٿو مُندائِتو ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 2 ]
ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ مُوڙِيين،
ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ،
لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 15 ]
ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ،
لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 15 ]
جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ وِڏُوڻُو واپارُ،
ھاڻي کَڻُ ھِيءُ پَنھِنجو ھارُ، واري ڏي مُون وَلَهو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 26 ]
ھاڻي کَڻُ ھِيءُ پَنھِنجو ھارُ، واري ڏي مُون وَلَهو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 26 ]
ھَئِي ڦِٽو ڪَرِ ھارُ، سونَ ڦُلَنِ سين ڪَنجِرو،
کوءِ اُھَندَڙُ پَٽَ جو، جَنھِن مان وِڏُوڻُو واپارُ،
ڪِيَڙُئِي جو ڪارُون ڪَري، سُورَنِ جو سِينگارُ،
تُون مُنڌَ مُٺِي بِيمارُ، ڇو ڳِچِيءَ جو ڳَهِڻُو ڪَرِين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 12 ]
کوءِ اُھَندَڙُ پَٽَ جو، جَنھِن مان وِڏُوڻُو واپارُ،
ڪِيَڙُئِي جو ڪارُون ڪَري، سُورَنِ جو سِينگارُ،
تُون مُنڌَ مُٺِي بِيمارُ، ڇو ڳِچِيءَ جو ڳَهِڻُو ڪَرِين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 12 ]
تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ ۾، سَدائِين سُڪارُ،
چُونڊِئو آڻي چاڙِهيُون، سَندو ڏَؤُنرَنِ ڏارُ،
جَنِ جو ويڙِهيُنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي ھُونِ نَہ ڏُٻِرَ.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 8 ]
چُونڊِئو آڻي چاڙِهيُون، سَندو ڏَؤُنرَنِ ڏارُ،
جَنِ جو ويڙِهيُنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي ھُونِ نَہ ڏُٻِرَ.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 8 ]
English Meaning
Trade, traffic, merchandize.