واجهائي جي سنڌي معنيٰ
وجهہ وجهي، تجويزون ڪم آڻي. اُپاءَ ڳولي. سِڪي. ڪوشش ڪري. تڪي، نھاري. انتظار ڪري، جهاتيون وجهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Longing, making plans, thinking to do, trying, looking, waiting.
واجهائي جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، وِئا روڏا رِنگائي،
رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
آرِياڻِي آھي، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 6 ]

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساھُ،
بُتُ مُنھِنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاھُ،
پَرَڏيھِياڻِيءَ کي پِرِينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاھُ،
ٿَڌِي وَسائيجاھُ ٿَرَنِ جِي، مِٽِي مُئِيءَ مَٿان،
پويون ٿِييمِ پَساھُ، تَہ پُڻ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 20 ]

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساھُ ڏِيان،
سِڙي ساڻيھَ سامُهين، مُنھِنجِي نيجِ مِيان،
مُقامِياڻِي مارُوئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان،
مُيائِي جِيئان، جَي نِئاءَ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 21 ]

واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جَي ھِتِ مُياسِ،
تَہ گورَ مُنھِنجِي سُومَرا، ڪِجِ پَنوَھارَنِ پاسِ،
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، مَنجهان وَلَڙِنِ واسُ،
تَہ ڪَرَ مُيائِي جِياسِ، جَي وِئو مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 22 ]