نِھاري جي سنڌي معنيٰ
نگاھ ڪري، نظر وجهي، نظرداري ڪري، جاچي، تلاش ڪري، ڳولا ڪري، چوڪسي ڪري، نگھباني ڪري، جاڳي، تَڪي. گهُري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Looking at, looking for viewing, staring, watching.
نِھاري جا بيتن ۾ حوالا
دارُون ۽ ڪارُون، جانۡ ڪِي ڪِئا ويڄَ مُون،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، نِھاري نارُون،
جَنِ جُون سيڻَ لَھَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکوندو ڏُورِ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 7 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ،
سِرُ دَرِ قَدَم يار فِدا شُدِ چہِ بَجا شُدِ ، وَصُلَ اُھوئِي وَنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 13 ]

وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ ، اِيءُ لَنگِهيائِين لَنگهُہ،
سِڪَندِيَنِ کي سَيِّدُ چئَي، ڪِينَ جَهلِيندو جَهنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 14 ]

ھُنَ ڀَرِ نَہ ھِنَ، ويچارِي وَھَ وِچَ ۾،
نيڇُ نِھاري نَہ گِهڙي، تَنھِن ۾ پييَسِ تُنَ،
اللهَ ساڻُ اَمُنَ، آرا ڪَنھِن اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 13 ]

تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي،
ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ،
مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي، پَھسَ پِريان جو پُورُ،
ٻيلي ٻِنِهي ڪَنڌِيين، نِتُ نِھاري نُورُ،
مَنجهان جَرَ ضَرُورُ، ڪَچي کي ڪو مَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 1 ]

سَتِ سُورَنِ جي سَسُئِي، ڏري ۽ ڏاري،
پييائِي پُنُوھَ ڏي، نِرمَلَ نِھاري،
لالَڻَ جِي لَطِيفُ چئَي، سُونھَنِ سُتِيائي ساري،
پِريتَڻو پاري، مارَڳَ ۾ مُنڌَ مُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 2 ]

ويھُ مَ وِساري پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جِي،
نِرمَلُ نِھاري، ھَلَندِنِ تان نَہ ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 9 ]

اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ آٽَ ۾،
وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،
ڪَھِي جا ڪُويرَ، سا ھادِي ميڙِيين ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 22 ]

اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]