نَئِين جي سنڌي معنيٰ
تازي، ڪورِي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
New, fresh.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
نَئِين جا بيتن ۾ حوالا
ڌَڳايومِ ڌَنئِين، ڄيرو اَندَرِ جِندَڙي،
لَڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندي نِينھَن نَئِين،
مُشاھِدي تَھِين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 12 ]
لَڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندي نِينھَن نَئِين،
مُشاھِدي تَھِين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 12 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ،
مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ،
جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن سَڄَڻَ ڏُورِ،
اللهَ لَڳِ اَسُورِ، اُتائِين ٿِي آءُ تُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 2 ]
مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ،
جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن سَڄَڻَ ڏُورِ،
اللهَ لَڳِ اَسُورِ، اُتائِين ٿِي آءُ تُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 2 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ،
مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 3 ]
مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 3 ]
نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين،
جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين،
مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 13 ]
جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين،
مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 13 ]
ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو،
ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ،
مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتان ڍولَ ڍِلو وَھين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 17 ]
ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ،
مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتان ڍولَ ڍِلو وَھين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 17 ]
ڀَڳوئِي ڀيرِ، جانسِينءَ رَتو راس ٿِئي،
بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، ھارِي ھَڏُ مَ ھيرِ،
ڪَتُ ڪَتَندِيُون ڪيرِ، نَئِين سين نِڃاڻِجي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 13 ]
بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، ھارِي ھَڏُ مَ ھيرِ،
ڪَتُ ڪَتَندِيُون ڪيرِ، نَئِين سين نِڃاڻِجي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 13 ]
English Meaning
New, fresh.