ميڙي جي سنڌي معنيٰ
ميڙ ڪري، گڏ ڪري، جمع ڪري. ڍير ڪري، ملائي، مِيلاپ ڪرائي. گڏي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To sweep. To collect, gather, together, accumulate, cause to meet.
ميڙي جا بيتن ۾ حوالا
ھَئَي ٻَرِ اڱارَنِ ٻَڏائِين ٻَرَنِ جٖي،
ھِڪِڙا کُوري کانيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجِهہ ڌَڳَنِ،
اَڃا لُھارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 22 ]
ھِڪِڙا کُوري کانيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجِهہ ڌَڳَنِ،
اَڃا لُھارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 22 ]
آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي،
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
ٻُڏِين تان ٻُڏُ، سُڪي جِي سانباھَ ۾،
ڪَکَ ڪانڊيراَ ڪاٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ،
نَڪو ساھَڙَ سَڏُ، نَہ ڪا سُڄي سُهڻِي،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 44 ]
ڪَکَ ڪانڊيراَ ڪاٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ،
نَڪو ساھَڙَ سَڏُ، نَہ ڪا سُڄي سُهڻِي،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 44 ]
ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن،
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
جَي سُورَنِ سِجهائِي، توءِ چيلِهہ ٻَڌئِو چوٽِيين چَڙھي،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 15 ]
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 15 ]
ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين،
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
پِئو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين،
اُٿِي آڌِيءَ نَہ ڪَرِين، سَٻَڙَ ساڻُ سَھَٽَ،
رُونجهي راتِ اُپَٽِئا، پيتِيائِين پاڻِيٺَ،
تِئان ميڙي مُٺَ، چُونڊي ڀَرِئا چارَڻين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 32 ]
اُٿِي آڌِيءَ نَہ ڪَرِين، سَٻَڙَ ساڻُ سَھَٽَ،
رُونجهي راتِ اُپَٽِئا، پيتِيائِين پاڻِيٺَ،
تِئان ميڙي مُٺَ، چُونڊي ڀَرِئا چارَڻين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 32 ]
مارُو ماڳِ نَہ ھيڪَڙي، اوڏا نَہ ڳوٺانِ،
جيڏانھَن وَسَنِ مِينھَڙا، تيڏانھَن سانگَ سَندانِ،
جي ميڙي رَبُ تَہ مِلانِ ، نَہ تَہ وِچان وَڏو وِچُ پِئو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 11 ]
جيڏانھَن وَسَنِ مِينھَڙا، تيڏانھَن سانگَ سَندانِ،
جي ميڙي رَبُ تَہ مِلانِ ، نَہ تَہ وِچان وَڏو وِچُ پِئو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 11 ]
ڳاڙھا ڳَنَ ڪُھاڙِيين، لاکِيُون لويُون جَنِ،
ميڙي رَتِيُون مَڃُرَ مان، پاڳُون پَنوَھارَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ جَهنگان آڻِئو جَهِليين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 14 ]
ميڙي رَتِيُون مَڃُرَ مان، پاڳُون پَنوَھارَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ جَهنگان آڻِئو جَهِليين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 14 ]
عُمَرَ اَسان جي ڏيھَ ڏي، ڦوڳَنِ ڪِيُون ڦَرِيُون،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ميڙي مَڪَ وَرِيُون،
پَنوهارَنِ پَرِيُون، مُونھان پوءِ مَٽَيُون.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 18 ]
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ميڙي مَڪَ وَرِيُون،
پَنوهارَنِ پَرِيُون، مُونھان پوءِ مَٽَيُون.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 18 ]
English Meaning
To sweep. To collect, gather, together, accumulate, cause to meet.