ميڙي جي سنڌي معنيٰ
ميڙ ڪري، گڏ ڪري، جمع ڪري. ڍير ڪري، ملائي، مِيلاپ ڪرائي. گڏي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To sweep. To collect, gather, together, accumulate, cause to meet.
ميڙي جا بيتن ۾ حوالا
ھَئَي ٻَرِ اڱارَنِ ٻَڏائِين ٻَرَنِ جٖي،
ھِڪِڙا کُوري کانيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجِهہ ڌَڳَنِ،
اَڃا لُھارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 22 ]
ھِڪِڙا کُوري کانيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجِهہ ڌَڳَنِ،
اَڃا لُھارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 22 ]
آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي،
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
ٻُڏِين تان ٻُڏُ، سُڪي جِي سانباھَ ۾،
ڪَکَ ڪانڊيراَ ڪاٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ،
نَڪو ساھَڙَ سَڏُ، نَہ ڪا سُڄي سُهڻِي،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 44 ]
ڪَکَ ڪانڊيراَ ڪاٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ،
نَڪو ساھَڙَ سَڏُ، نَہ ڪا سُڄي سُهڻِي،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 44 ]
ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن،
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
مُون کي ڀانئِين ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا ھَلِئا،
اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاڄَ،
سا مُون ھَٿان نَہ ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
آيَلِ آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 13 ]
اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاڄَ،
سا مُون ھَٿان نَہ ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
آيَلِ آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 13 ]
جَي سُورَنِ سِجهائِي، توءِ چيلِهہ ٻَڌئِو چوٽِيين چَڙھي،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 15 ]
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 15 ]
ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين،
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
پَسِئو پَسائي، نُورُ نَبِيءَ جو،
ظاھِرُ ٿِئو زَمِينَ تي، ڏيھَنِ جو ڏِيو،
خاوَندَ خاصُ خَلقِئو، ھِھَڙو ڪونَہ ٻِئو،
ڍَرَندو ڇَٽُ رَسُولَ تي، ڏُوراٺو ڏِسِبو،
باوو بِيبِيءَ فاطِمَه ميڙي ۾ مَلَهَندو.
[ سُر بلاول، وايون، 5 ]
ظاھِرُ ٿِئو زَمِينَ تي، ڏيھَنِ جو ڏِيو،
خاوَندَ خاصُ خَلقِئو، ھِھَڙو ڪونَہ ٻِئو،
ڍَرَندو ڇَٽُ رَسُولَ تي، ڏُوراٺو ڏِسِبو،
باوو بِيبِيءَ فاطِمَه ميڙي ۾ مَلَهَندو.
[ سُر بلاول، وايون، 5 ]
پِئو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين،
اُٿِي آڌِيءَ نَہ ڪَرِين، سَٻَڙَ ساڻُ سَھَٽَ،
رُونجهي راتِ اُپَٽِئا، پيتِيائِين پاڻِيٺَ،
تِئان ميڙي مُٺَ، چُونڊي ڀَرِئا چارَڻين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 32 ]
اُٿِي آڌِيءَ نَہ ڪَرِين، سَٻَڙَ ساڻُ سَھَٽَ،
رُونجهي راتِ اُپَٽِئا، پيتِيائِين پاڻِيٺَ،
تِئان ميڙي مُٺَ، چُونڊي ڀَرِئا چارَڻين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 32 ]
جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگَرُ ڏورِيان،
وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ چاڙھي اَڱُ،
اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِئو دَمُ،
ميڙي ميندِيءَ گُلَڙا، راتِ رَتائُون رَڱُ،
ٻانِهي ٻاروچَنِ جي، پَلَيءِ، راتِ لَڳَڙِي وَڃُ،
مُون تَوِھِين سين نَہ ڪِئو، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ سَڱُ،
جان ڪوھِيارو ڪيچَ ۾، تان مُون ڀَئِي نَہ ڀَنگُ،
[ سُر ڪوھياري، وايون، 7 ]