ماتامُ جي سنڌي معنيٰ
ماتمُ، غَمُ، ڏُکُ، غَمِي، سُوءِ، سوزُ، درد، رَنجُ، روڄ، راڙو، پِٽَ، پِٽِڪو، اوسار، واءِ ويلا، رودَنُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mourning, grief, lamentation, beating the chest in grief, regret, sorrow, ritual mourning (for Imam Hussain's martyrdom).
ماتامُ جا بيتن ۾ حوالا
ھَئَي ماتامُ ٻَرِ ماتامُ،
اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ،
روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو،
جيڪِي اِمامِنِ سين ٿِئو، سو پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 5 ]

مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا،
دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي،
شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ سيجَ نَہ ماڻي،
اَنُ نَہ پاڻِي اُنِ کي، نَڪو وَٺَڙُنِ مِينھُن،
ھُئا سَٽاڻِيءَ جَنگِ ۾، ڏَھَ راتِيُون ڏَھَ ڏِينھَن.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 4 ]

واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ،
ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،
جُهڙَ وَرائي جهورِيءَ جَهلِئا، طَرف سَندي تَقدِيرَ،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جيڪا تقدِيرَ رَبَ جِي لِکئو لوڙِيائُون،
فَرزَندَ عَلِيءَ جا دادُلا، مُون ٿي ڪوڏِ نِپايا،
بِيبيءَ بَتُولَ جَنَتَ خاتُونَ، پَارَ ڪَڍِي ڳِرَ لايا،
فَرزَندَ عَلِي جا دادُلا، چَيو بِيبِيءَ بَتُولَتا،
خُونُ ڇِڪِيندِيَسِ اَوَھان جو، جانِي ڏِينھَن قِيامَتا،
پَسِي سَختِي مِيرَ حُسينَ جِي، رُنُو نَبِيَنِ زارو زارِ،
مَلَکَ فَلَکَ ڌَرَتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿان اُڇِنگارَ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 7 ]

ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين، اَندَرِ مُنڌَ ماتامُ،
سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ،
نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 11 ]

آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي نَہ آرامُ،
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ،
مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 20 ]

پَنجِينءَ راتِ پَيغامَ، مُڪَمِ مارُوءَ ڄامَ ڏي،
ويرِيُنِ ويڙِهِي آھِيان، وَرِجِ وِيرَ وَرِيامَ،
الدُّنْيَا سِجْنُ الْمُؤْمِنِ وَجَنَّةُ الْڪَافِرِ ، ماڙيءَ ۾ ماتامُ،
ڀانيان قَيدُ قِيامَ، تي ڏُکِئا ڪاٽِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 6 ]