ماءَ جي سنڌي معنيٰ
امان، اَمِي، اَمڙ، ماتا، والدہ، مادر، جِيجل، ڄڻيندڙ، ڄڻڻي، جنني، آئِي. آيَل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mother, mom, mummy.
ماءَ جا بيتن ۾ حوالا
دُدَسَتِي دُپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ جِي،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ،
تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ مَسَ رَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 14 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ،
تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ مَسَ رَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 14 ]
وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکِڙِيُون چَري،
ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کاءِ،
اِنَ مَيي سَندي ماءَ، مُون کي ڳالِهڙِيُنِ ڳوِڙھا ڪِئا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 46 ]
ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کاءِ،
اِنَ مَيي سَندي ماءَ، مُون کي ڳالِهڙِيُنِ ڳوِڙھا ڪِئا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 46 ]
آھِنِمِ ڳالِهڙِيُون، ماءَ مُرادُون پِرِينءَ سين،
جٖي مان پييُون پِرِينءَ ري، کُوءِ سي راتِڙِيُون،
جٖي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ سي راتِڙِيُون ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِين جي، پاتِيُمِ جهاتَڙِيُون،
آڌِيءَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪُھَنِ ڪاتَڙِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 3 ]

اَڄُ جَهمَڪِي ماءَ، ھِينئَڙو مان ڪورُ ٿِئو،
جُهوپي ۾ نَہ سَماءِ، صَحيُ مَڙَندو سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 16 ]
جُهوپي ۾ نَہ سَماءِ، صَحيُ مَڙَندو سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 16 ]
سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينھَڙا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 20 ]
بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينھَڙا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 20 ]
سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 21 ]
ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 21 ]
تَڙِينِ تَنوارِينِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
مُون کي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جُون.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 9 ]
مُون کي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جُون.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 9 ]
سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
مانَ مُنھِنجو ھوءِ، جانِي ھِنَ جَھازَ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 15 ]
مانَ مُنھِنجو ھوءِ، جانِي ھِنَ جَھازَ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 15 ]
سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو،
سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو،
ماڻُهو ڏِينِ مُبارَڪُون، اِھو پُڻ ڏِينھُن ٿِئو،
اُنِ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَفَرُ سابِ پِئو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 4 ]