لَڳي جي سنڌي معنيٰ
کُپي، کوڙجي، جُڙي، بيھي، پورو ويھي، ٺَھڪي، ٽِڪي، چُھٽي، چنبڙي، ڳنڍجي. لاڳاپو ٿئي، نسبت ۾ اچي، واسطيدار ٿئي، لاڳاپيدار ٿي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be applied, apply, be fixed, attached, be close, adjoin, touch, be employed, reach, close, appertain, join.
لَڳي جا بيتن ۾ حوالا
لَڳي لَڳي واءُ، لَٽي وِئو اَڱڙا،
پيئِي کَڻِي پَساھُ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 24 ]
پيئِي کَڻِي پَساھُ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 24 ]
ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين،
اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، ھاڙِھي لَڳي نَہ ھِيرَ،
ڪارِيءَ راتِ قَندِيلَ ٻَرِيَمِ ٻاروچَن جا.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 17 ]
اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، ھاڙِھي لَڳي نَہ ھِيرَ،
ڪارِيءَ راتِ قَندِيلَ ٻَرِيَمِ ٻاروچَن جا.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 17 ]
سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن لورِيءَ لوھُ ٻِئو،
لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو،
مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 5 ]
لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو،
مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 5 ]
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان مارِ مَ مُون،
مُون مَنجِهہ آھِين تُون، مَڇُڻ تُنھِنجو ئِي توکي لَڳي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 10 ]
مُون مَنجِهہ آھِين تُون، مَڇُڻ تُنھِنجو ئِي توکي لَڳي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 10 ]
لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، جِتي اَتُ نَہ آبَ جو،
اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جَڙاوَ کي، ڦَرَھي اَچي مَ ڦيٽَ،
لَڳي ڪامَ لِپيٽَ، شَلَ غَرِيبي غُرابَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 10 ]
اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جَڙاوَ کي، ڦَرَھي اَچي مَ ڦيٽَ،
لَڳي ڪامَ لِپيٽَ، شَلَ غَرِيبي غُرابَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 10 ]
سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ،
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
ايندين تان آءُ، ھَڻِي ھَٿُ پَڳَھَ ۾،
لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙُه سانباھِي نَہ سَھي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 5 ]
لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙُه سانباھِي نَہ سَھي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 5 ]
وِئَڙا ڪالُ ڪري، ٻارھين ماھِ نَہ موٽِئا،
لَڳي تَنِ ڳَري، ڪِھَڙِيُون ھَنجُون ھارِيان.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 2 ]
لَڳي تَنِ ڳَري، ڪِھَڙِيُون ھَنجُون ھارِيان.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 2 ]
لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
اُتَرَ لَڳي اوھَرِئا، واھُوندي وَرَنِ،
آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان، سودو سامُونڊِيَنِ،
اَڱَڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 5 ]