لَڙُ جي سنڌي معنيٰ
پوئتي موٽ، گوٿ ناٿ ڪر، نٽ نٽاءِ، نٽاءِ، واپس ٿي، سست ٿيءُ، واپس ڀيرو ڪر، ڦِر
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Return, come back, scuffle, become faint, ignore
لَڙُ جا بيتن ۾ حوالا
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ،
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، گُهتُون گوھِيُون ڇَڏِ،
لَڏو لاھِ مَ لَڏِ، تَہ ڳاڙهي سِجِ ڳالِهہ مِڙين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 2 ]

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، لاھِ مَ لَڏو لَڏِ،
ساٿَ پِريان جي سَڏِ، تَہ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 3 ]

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ،
آھي اِي اُھُڃُ، ھاڙھي ھَلَندِيُنِ جو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 4 ]

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، موڙي مَرُ مَ پيرُ،
آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 5 ]