لالُون جي سنڌي معنيٰ
ياقوت، ماڻڪ، موتي، قيمتي پٿر، جواھرات.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Jewels, gems. Ruby. Precious stones.
لالُون جا بيتن ۾ حوالا
سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ،
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ،
ڪانِهي قِيمَتَ تَنِ، مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 6 ]

سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي،
پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ،
لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 11 ]

ڪِي جَو وَڃِي اَڄُ، اَکِيُون پَسِي آيُون،
سيڻَنِ جي سَھَڄَ، لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چئَي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 7 ]

ڪِي جَو وَڃِي ڪالَهہ، اَکِيُون پَسِي آيُون،
لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چئَي، جانِبَ جي جَمالَ،
سي ٿِئا نيڻَ نِھالَ، جَنِي دِلبَرُ ديکِئو.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 8 ]

ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين،
اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾،
نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،
گَندَگِيءَ گوشو ڪِئو، عَطرَ اوتَ اوتِئائِين،
اَنڌا مَنڊا آيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،
پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو ھَنڌُ ڪونَہ مَٽِئائِين،
قِيمَتَ ڪَمِيڻَنِ سين، جِھَڙِي وَٽَ وَٽِئائِين،
پَسو جو پَيدا ٿِئو، جوھَرِي جِئائِين،
موتِي مَڇِيءَ ھَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِيئَن ڪَڍئائين،
ماڻِڪَ مِياڻِيءَ ۾، ڇِلُرَنِ جِيئَن ڇَٽِئائِين،
ڏيئِي سونُ سُوالَ ۾، رُپي راندِ ڪِئائِين،
فيروزا فَقِيرَنِ تان، گهوري سَڀَ گهورِئائِين،
پاڻِيَٺِ آڻي پاڻَ سين، لالُون لُٽِئائِين،
اُتي عَبدِالْلَطِيفَ کي، اُڇَلي اَمُلَ ڏِنائِين.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 3 ]

ٻَگها ڪوھُ ٻُجَهنِ، تَہ سِپُنِ ڇا ٿو سَپَجي،
ڦِرِئو ڦَيارَنِ کي، وَڙِ ڪِئو واتَ وِجَهنِ،
سي ڪِيئَن لالُون لَھَنِ، جٖي گهورا گهوگهِيتَنِ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 39 ]

ھَنجَڙا نَہ پَسان ٿِي سي، جي اُڏامِي وِئا واھيرَنِ تي،
پَکِي جي پَرَڏيھَ جا، ساجُهرِ وِئا سَرَ تي،
موتِي جَنِ ماڳَنِ ۾ لالُون لَھَنِ تِتي،
جَنِ جو عَھدُ اللهَ سين، ڪِيئَن رَھندا ھِتي.
[ سُر ڪارايل، وايون، 2 ]