قُربانُ جي سنڌي معنيٰ
صدقي ٿيڻ واري حالت، گهور، ٻلهار، فدا، نثار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A sacrifice, victim, offering.
قُربانُ جا بيتن ۾ حوالا
حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ قُربانُ، گهورِئان لُڊاڻو،
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
ڇَپَرِ وِجَهندِيَسِ پاڻُ، اَڃا ڀيرو ھِڪِڙو،
مَرُ جانْ جانِ جُدا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ ساڻُ،
ڪيچِيَنِ تان قُربانُ، ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 21 ]
مَرُ جانْ جانِ جُدا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ ساڻُ،
ڪيچِيَنِ تان قُربانُ، ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 21 ]
اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين،
وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ،
ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي، جِتِ سَندو گوھَرَ گامُ،
مَران تان مانُ لَهان، ٿِيان ڪيچِنِ تان قُربانُ،
پيراندِيءَ پُنهونءَ جي، مُنھِنجو ٿِئي مُقامُ،
ويجهو وَراڪَنِ ۾، اِيندو سو اِمامُ.
[ سُر معذوري، وايون، 7 ]

مَران تان قُربانُ، ساھَ پِريان تان صَدِقو،
سَندو مَحَبتَ مانُ، ويھِي ڪِيئَن وِڃايان.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 8 ]
سَندو مَحَبتَ مانُ، ويھِي ڪِيئَن وِڃايان.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 8 ]
ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ،
راجا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، مُقابِل مَيدانَ،
گهورِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، تُنھِنجي قَدَمَ تان قُربانُ،
مَٿو ھِيءُ مَھمانَ، ھَلِي چَئُہ تَہ ھُتِ ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 13 ]

ڪُتو جي ڪانءُ، پِريان سَندي پارَ جو،
اُنِهين مَٿان آنءُ، ڪوڙِ ڀيرا قُربانُ ٿِيان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 38 ]
اُنِهين مَٿان آنءُ، ڪوڙِ ڀيرا قُربانُ ٿِيان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 38 ]
English Meaning
A sacrifice, victim, offering.