شُڪُرُ جي سنڌي معنيٰ
احسان مڃڻ، احسان، مھرباني، لائق، ٿورو، شڪرانو، سپاس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Gratitude, thankfulness, thanksgiving, thanks, praise (to God).
شُڪُرُ جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون،
جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جَنھِن سُھاءِ،
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتِريُون، وَڏِيُون وَڏاياءِ،
سو مُونھان مُورِ نَہ سَپَجي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ تَوِھِين ساءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاءِ،
دِلِ دانھُنِ ري نَہ رَھي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 18 ]

ھئَي ھئَي ڪِئو ھاءِ، ٿِي پاڻُ ھَڻي سِرِ پاھَڻين،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، جُوءِ جَتَنِ سَندِي جاءِ،
شُڪُرُ بارَ سَداءِ، جِيئَن سُتِيارِي ساٿِ مِڙي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 10 ]

شُڪُرُ گَڏِياسُون سُپِرِين، جانِي جِيئَري يارَ،
ويٺي جَنِي وَٽِ ۾، ڪوڙيِين ٿِئا قَرارَ،
ڌَڻِي ڪَرِ مَ ڌارَ، پاڙو تَنِ پِرِيَنِ سين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 27 ]

ٽيئي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ ڪَٽارو ۽ ڪَنڌُ،
تَنھِن جِھوئِي ناھِ ڪِي، جِيئَن تو چارَڻَ ڪِئو پَنڌُ،
اِيءُ شُڪُرُ اَلحَمدُ، جِيئَن مَٿو گهُرِيئي مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 3 ]