سُومَري جي سنڌي معنيٰ
عمر بادشاھ سومري. (ھڪ ذات)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Soomra a tribe of Sindh. Umar king.
سُومَري جا بيتن ۾ حوالا
ساڻيھُ مُون سُڃَ ۾، ڏيھَ وَڻَ ٿِئَڙَمِ ڏورِ،
راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
ڏاڍي ڪَنھِن ضَرورِ، آندِي کُهِبِڙِيارِي لوءِ مان.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 19 ]
راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
ڏاڍي ڪَنھِن ضَرورِ، آندِي کُهِبِڙِيارِي لوءِ مان.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 19 ]
مارُوئَڙيءَ روئِي، ٿَرِ نِياپا چايا،
آن جو ڳُتوجيڏِيُوج، مِينڍِي وَرُ سوئِيم
لاٿُمِ نَہ ڌوئِي، ساڻُ سَرَچِي سُومَري.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 13 ]
آن جو ڳُتوجيڏِيُوج، مِينڍِي وَرُ سوئِيم
لاٿُمِ نَہ ڌوئِي، ساڻُ سَرَچِي سُومَري.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 13 ]
زيرِيين ٻيڙِيين لوھَ ۾، ڳَٽِنِ ڪِيَسِ ڳاھُ،
سَنڪي سَندي سُومَري، ھَڏِ نَہ چاڙھِئم ماھُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجاھُ، تَہ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَھي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 29 ]
سَنڪي سَندي سُومَري، ھَڏِ نَہ چاڙھِئم ماھُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجاھُ، تَہ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَھي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 29 ]
اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِيئَن واڌايُون آيُون،
لَٿِي لَووَرياڙِيين، مِڙَنِي مُنھَن ڪاڻِ،
صُلِحُ وارِئو سُومَري، چَيو پَنوَهارَنِ پاڻِ،
حَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ لَھَندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 6 ]
لَٿِي لَووَرياڙِيين، مِڙَنِي مُنھَن ڪاڻِ،
صُلِحُ وارِئو سُومَري، چَيو پَنوَهارَنِ پاڻِ،
حَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ لَھَندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 6 ]
پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾، ڏيھَ وَڻَ ٿِئَڙَمِ ڏُورِ،
راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
ڏاڍي ڪَنھِن ضَرُورِ، مُلڪُ مارُنِ ڇڏِئو.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 18 ]
راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
ڏاڍي ڪَنھِن ضَرُورِ، مُلڪُ مارُنِ ڇڏِئو.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 18 ]
کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ڳالِهيُون ڳُڻَ ڇَڏي،
سَنڪي سَندي سُومَري، وِئَڙا راڄَ لَڏي،
وَڃِي ويٺا ويڙِهيين، اَجهائُون اَڏي،
ڀِرِي ڀاڳِ وَڏي، مِلان مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 9 ]
سَنڪي سَندي سُومَري، وِئَڙا راڄَ لَڏي،
وَڃِي ويٺا ويڙِهيين، اَجهائُون اَڏي،
ڀِرِي ڀاڳِ وَڏي، مِلان مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 9 ]
کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، رَهِئا ڍَٽان دُورِ،
سَڀَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
وَڏي ڪَنھِن ضرُورِ، مارُنِ مَلِيرُ مَٽِئو.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 10 ]
سَڀَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
وَڏي ڪَنھِن ضرُورِ، مارُنِ مَلِيرُ مَٽِئو.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 10 ]
کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ٿَرِ ڪِئائُون ٿاڪَ،
سانگِي لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري مَذاقَ،
جيڪُسِ پَروَرَ پاڪَ، اَمُرُ اِيءُ اَباڻَنِ سين.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 11 ]
سانگِي لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري مَذاقَ،
جيڪُسِ پَروَرَ پاڪَ، اَمُرُ اِيءُ اَباڻَنِ سين.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 11 ]
پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، ساري ڏيجِ سَلامَ،
سِيلُ نَه ڀَڳو سُومَري، مَٿِسِ ناھِ مَلامَ،
سَندي اُمَتَ ڄامَ، رِکئو پَنُ پَنوَهارِ جو.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 6 ]
سِيلُ نَه ڀَڳو سُومَري، مَٿِسِ ناھِ مَلامَ،
سَندي اُمَتَ ڄامَ، رِکئو پَنُ پَنوَهارِ جو.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 6 ]
تو دَرِ آيَسِ سامَ، ڄامَ سَما سامَ تُنھِنجي،
نَہ سَمِي نَہ سُومَري، آھِيان گَندَرِي غُلامَ،
آھي مُنھِنجي مُنھَن ۾، مَڇِيءَ بُوءِ مَدامَ،
مِڙِئو گَندَرِيُون پاڻَ ۾، سَمي ڪَنِ سَلامَ،
سَمي بِنان سَرَتِيُون، ڪِينجُهرَ ڀانيان قِيامَ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون تان لاھِ مَلامَ.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 2 ]
نَہ سَمِي نَہ سُومَري، آھِيان گَندَرِي غُلامَ،
آھي مُنھِنجي مُنھَن ۾، مَڇِيءَ بُوءِ مَدامَ،
مِڙِئو گَندَرِيُون پاڻَ ۾، سَمي ڪَنِ سَلامَ،
سَمي بِنان سَرَتِيُون، ڪِينجُهرَ ڀانيان قِيامَ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون تان لاھِ مَلامَ.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 2 ]
English Meaning
Soomra a tribe of Sindh. Umar king.
سُومَري ٻول جا زمرا