سُهڻِيءَ جي سنڌي معنيٰ
”سُهڻي ميھار جي داستان جي مانجهياڻيءَ .“خوبصورت، سُندر، ٺاهوڪِي، سوهڻي، دلپسند، وڻندڙ، دلفريب. نالو عورت جو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a heroine of Shah Abdul latif Bhittai. A beautiful woman.
سُهڻِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئِي، وِئا وَسِيلا،
سارَ ڇَڏِيائِين سِيرَ ۾، ھَئَي وِئا حِيلا،
سُهڻِيءَ جا سِيلا، وَحدَتَ سَڀَ وِڃايا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 29 ]

گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا،
تِھان پوءِ سُئا سُهڻِيءَ سَڏَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 30 ]

ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي، توڏِي لاڪُون توڙَ،
نَہ مَلاحُ نَہ مَڪُڙِي، نَڪِي ٻَڌي نوڙَ،
پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 6 ]

سُهڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا،
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَلَڪَنِئان مَھِندِ ھُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوارَ،
مَرَڪِي ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَنئُن لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 2 ]

اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين،
جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 6 ]

اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونھِن عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 7 ]

اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فَرِمايو فَتاحَ،
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي اَڌاءَ،
جيڪِي آيُسِ ڏُونھِن اللهَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 8 ]

ڪَڍِئا جٖي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِي،
پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَہ جَهلي ڌَمالَ،
سُپَڪَ ڀانيان سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ،
آکي جا اَحوالَ، مَعلُومُ ٿِئا مَھِراڻَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 11 ]

ڏاتَرَ ڏاتَرَ ويندِي مُنڌَ ميھارَ ڏي، مَٿي لَھرِنِ ڳاٽُ،
نَہ گهَڙي نَہ سُهڻِيءَ، نَڪو ڏوھُ ڪُنڀارَ،
گُهرِءَ تُنھِنجي گهيڙيِ، آڻي مَٿي آرَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 20 ]

سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو، پاڻِي پِنييءَ ھيٺِ،
ٻَڌِئو بِرھَ بيٺِ وَڃي ڪَپِيندِي ڪُنَنِ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 7 ]