سَتُرُ جي سنڌي معنيٰ
ڍَڪُ، پردو، پوش. پردي جي جاءِ، عورت يا مرد جو شرمگاھ. اوگهڙ ڍڪڻ جو ڪپڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Veiling, concealment or shutting up of females.
سَتُرُ جا بيتن ۾ حوالا
ھِھَڙِي تان نَہ ھُياسِ، عِشقَ اُٿِيارِيَس اوچتِي،
پَڌَرِ پوءِ پيياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃايو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 28 ]
پَڌَرِ پوءِ پيياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃايو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 28 ]
ھاڙِھي ھوتَ مُياسِ، دوستَ مُياسِ، لَڳِي يارَ لڪن ۾،
عَشقَ اُٿارِيَسِ جِيڏِيُون، پَڌَرِ ٿي پياسِ،
سَتُرُ سِڪَ وِڃايو، ھِهَڙِي تان نَہ ھُياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 21 ]
عَشقَ اُٿارِيَسِ جِيڏِيُون، پَڌَرِ ٿي پياسِ،
سَتُرُ سِڪَ وِڃايو، ھِهَڙِي تان نَہ ھُياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 21 ]
سَتُرُ سِڱَڙِيَنِ سين، لَحظي لاٿائُون،
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، اُنِهين جي آئُون،
مُون کي مارِيائُون، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 16 ]
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، اُنِهين جي آئُون،
مُون کي مارِيائُون، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 16 ]
کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ سَناسِيين،
اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ،
اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،
اَوَسَرِ عِيدُون ڪَنِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 4 ]
اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ،
اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،
اَوَسَرِ عِيدُون ڪَنِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 4 ]
پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين،
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]
وَرُ سي وَطَنَ ڄايُون، صَحرا سَتُرُ جَنِ،
گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِ،
ويڙِھِئا گهُمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهہ جهَنگَنِ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳَڻائِي سيڄَ ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 16 ]
گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِ،
ويڙِھِئا گهُمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهہ جهَنگَنِ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳَڻائِي سيڄَ ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 16 ]
مارُوءَ جي مَذڪُورَ جِي، سُڌِ نَہ سُومَرِيَنِ،
سَنڪو ناھِ سَرِيرَ ۾، تي اَلبيلِيُون اُٿِيَنِ،
سَتُرُ جي سِکَنِ، تَنِ ويڙِهِيچو وُجُودَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 7 ]
سَنڪو ناھِ سَرِيرَ ۾، تي اَلبيلِيُون اُٿِيَنِ،
سَتُرُ جي سِکَنِ، تَنِ ويڙِهِيچو وُجُودَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 7 ]
سَتُرُ ڪِجِ سَتارَ، آئُون اُگهاڙِي آھِيان،
ڍَڪِين ڍَڪَڻھارَ، ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 7 ]
ڍَڪِين ڍَڪَڻھارَ، ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 7 ]
English Meaning
Veiling, concealment or shutting up of females.