رُڪَ جي سنڌي معنيٰ
ڌاتُوءَ جو هڪ قسم. ماريل لوھ، فولاد. رُڪ مان ٺهيل ڪوبہ اوزار جھڙوڪ تلوار، ڪٽاري، ڪاتي وغيرہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Steel, iron.
رُڪَ جا بيتن ۾ حوالا
پَچائي پَھاڻُ، جَنِ رَساڻِئو رُڪَ کي،
تَنِي سَندو ڄاڻُ، آھي آڳَڙِيَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 16 ]
تَنِي سَندو ڄاڻُ، آھي آڳَڙِيَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 16 ]
سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو،
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
دُدَسَتِي دُپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ جِي،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ،
تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ مَسَ رَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 14 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ،
تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ مَسَ رَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 14 ]
ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
ھَڻَڻُ ھَڪلَڻُ ٻِيلِي سارَڻُ، مانجِهيان اِيءُ مَرَڪُ،
وِجَهن تان نَہ فَرقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 10 ]
وِجَهن تان نَہ فَرقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 10 ]
ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مانجِهيان اِي مَرَڪُ،
وِجَهنِ ڪونَہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 11 ]
وِجَهنِ ڪونَہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 11 ]
ڪَربَلا ۾ ڪُوڪَ، آھي شَهزادَنِ جِي،
ماري مِيرَ مَلُوڪَ، جَهلي رُڪَ رَھايا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 10 ]
ماري مِيرَ مَلُوڪَ، جَهلي رُڪَ رَھايا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 10 ]
ڪَربَلا ۾ ڪُوڪَ، ساجُهرِ شَهزادَنِ جِي،
عالَمَ جا مَلُوڪَ، رُڪَ روھي جَهلِئا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 11 ]
عالَمَ جا مَلُوڪَ، رُڪَ روھي جَهلِئا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 11 ]
پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلان ڪَھِي،
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي،
ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 13 ]
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي،
ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 13 ]
ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا، جانڪِيتان ٿو جِيءُ،
مَٿي اَڙِنِ اُسِرِي، رُڪَ پِيالو پِيءُ،
ڳاھُ ڳِجُهِن جو ٿِيءُ، ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 3 ]
مَٿي اَڙِنِ اُسِرِي، رُڪَ پِيالو پِيءُ،
ڳاھُ ڳِجُهِن جو ٿِيءُ، ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 3 ]
English Meaning
Steel, iron.