رَسِئو جي سنڌي معنيٰ
پھتو، ٿيو، مليو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Got, taken, feeling, received
رَسِئو جا بيتن ۾ حوالا
اَگِهي اَگهائِي، رَنجُ پِريان کي رَسِئو،
چَکِئَمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ کان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 1 ]
چَکِئَمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ کان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 1 ]
وَکَرُ وِھايُئِي لُوڻُ، ٿو رُنگَ کَٿُورِيءَ گُهرين،
ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ،
جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو رَسِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 8 ]
ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ،
جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو رَسِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 8 ]
ڪُوفِيُنِ قَھَرُ ڪِئو، ٿِئا جَماعِتِي يَزِيدَ جا،
پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو،
سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 4 ]
پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو،
سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 4 ]
لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو،
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ،
طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسِئو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
مِروئَنِ مَوتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِئا آرِيءَ لَئي گهَڻو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 12 ]

مُون تان لِڪائِي گهَڻو، روئَڻَ ڪِي روشَنُ،
رَسِئو ريزالَنِ کي، زَردِيءَ مَنجهان ظَنُ،
ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالِهہ ڪِئائِين ڳُجَهہ جِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 18 ]
رَسِئو ريزالَنِ کي، زَردِيءَ مَنجهان ظَنُ،
ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالِهہ ڪِئائِين ڳُجَهہ جِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 18 ]
English Meaning
Got, taken, feeling, received