Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو جو بيت
مُون تان لِڪائِي گهَڻو، روئَڻَ ڪِي روشَنُ،
رَسِئو ريزالَنِ کي، زَردِيءَ مَنجهان ظَنُ،
ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالِهہ ڪِئائِين ڳُجَهہ جِي.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
مون گهڻي ڪوشش ڪئي تہ محبت جو راز لڪل رهي (۽ ٻين کي ان جي خبر نہ پوي) پر منھنجي روئڻ ان کي پڌرو ڪري وڌو (اهو هينئن تہ) منھنجي بدخواهن ۽ رقيبن کي منھنجي منھن جي پيلاڻ مان اهو گمان پيدا ٿيو. (منھنجي بدليل رونق ۽ بي حالي مان). کين پتو پئجي ويو. منھنجي چھري جو رنگ ئي منھنجو دشمن ثابت ٿيو جنھن منھنجو راز کولي وڌو.
[مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڪنھن حد تائين هن سلسلي ۾ رهنمائي ڪري ٿو.
هر که او بيد ارتر پر درد تر،
هر که او آگاه تر رخ زرد تر.
(دفتر اول، ب- 629)
معنيٰ: جيڪو وڌيڪ سجاڳ ۽ ساڃاھ وارو آهي اهو اوترو وڌيڪ درد سان ڀريل آهي ۽ جيڪو وڌيڪ خبردار آهي، ان جو چھرو وڌيڪ پيلو آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3468
مُنْتَا لِڪَائِيْ کَنٌ رُوْئَنَ ڪِيْ رُوْشَنُ﮶
رَسِئُوْ رٖيْزَالِنِکٖيْ زَرْدِيَ مَنجَّا ظَنُّ﮶
وٖيْرِيْ مُنْ وَرَنُ کَالِ ڪِئَاءٍ کُجَہ جِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मूं तां लिकाई घणू। रूअण की रोशनु।
रसिओ रेज़ालनि खे। ज़र्दीअ मन्झां ज़नु।
वेरी मूं वरनु। गा॒लिहि किआई गु॒झ जी॥
ROMAN SINDHI
Moon tan likayee ghanno, rooann'a kee roshan'u,
Rasiyo rezalan khe, zardee'a maNjhan Zan'u,
Weree moon waran'u, ggaalh kiyaeen gguJh'a jee.
TRANSLATIONS
The fact is that I did my best to maintain the secret but my tears gave it away. The base creatures got a clue from the pallour (of my countenance). Accordingly my pallour became hostile to me and divulged the secret of my love.
درد مندیم خبری میدہد از سوزِ درون،
دہن خشک ما، لب تشنہ و چشم ترما۔
(Hafiz)
I am afflicted. My sadness oozes out through parched mouth, thirsty lips and wet eyes.
راز عاشق از شکستہ رنگ رسوا می شود
(Ghalib)
The secret of lover is betrayed by the loss of his colour (i.e. by his pallour)
My tears disclosed my Love's secret,
My pale colours caused doubts in men minds,
It become my enemy for it disclosed what I should hide.
أنا حاولت أن أخبي العشق ولاكن الصراخ والنوح والبكاء أفشي سرا العشق.
من إصفرار وجهي الخسيسون ظنوا فى بالعشق وعرفوا.
لوني صار عدوي الذي أفشى سري.
نہادم راز خودا را خفیہ اندر گوشہءِ باطن
مگر بیگانگان از ازوی رویم گمان کردہ
شدم شاکی ز رنگ خود کہ رازم گشت عیان ازوی
عتابم نیست بر دگران کہ ایشان چون چنان کردہ
دشمنِ جاں یہ زرد چہرہ تھا
اب تو آنکھیں بھی بن گئیں غماز
مفسدوں کو کہاں خبر ہوتی
گر ترے غم کا راز رہتا راز
میں نے پریت چھپائی، اشکوں نے ظاہر کردی،
سمجھ گئے سب اعلیٰ ادنیٰ لوگ، دیکھ کے میکھ کی زردی،
ہوگئی رنگت میری کھول دیا سب بھید۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَحَدان اَڳي جَا ھُئِي، سُوڌِي…
- (بيت) اَحَدَ جي اِسرارَ کي، جُنبِي…
- (بيت) اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان…
- (بيت) اَلتِيَمِ جا ھِنيان، سا نَہ…
- (بيت) تَرَڪُ ڪَرِ تَرَڪَ کي، وَڃَڻَ…
- (بيت) جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ…
- (بيت) دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو…
- (بيت) سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو…
- (بيت) سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُرمو سِياھِيءَ جو، رَنُنِ کي…
- (بيت) سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي، اَندَرِ رَھِي…
- (بيت) صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ…
- (بيت) عاشِقُ ڀانئِين اِيئَن، تَہ سِڪَ…
- (بيت) عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو،…
- (بيت) لوڪان لِڪي سَڀَڪو، لِڪِئان لِڪي…
- (بيت) لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ…
- (بيت) مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا، ماھِرَ…
- (بيت) مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، سِيرَتَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، عادَتَ…
- (بيت) نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ…
- (بيت) نَڪِي پَڙَهنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻُڌَنِ…
- (بيت) نَہ ڪا اِبتِدا عَبدَ جِي،…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻُ…
- (بيت) ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ…
- (بيت) ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ…
- (بيت) ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو،…
- (بيت) ڪَلمُو پَڙَهان تَہ ڪافِرُ ٿِيان،…
- (بيت) ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ…
- (بيت) ڪَنِ گُهرِجي ڪَلمُو، لَغوَ لَھوَ…
- (بيت) ڪُوڙو تُون ڪُفُرَ سين، ڪافِرُ…
- (بيت) ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ…
- (بيت) ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ…
