راوَلَ جي سنڌي معنيٰ
شھزادا. حاڪم. سردار. راجا، راءَ. جوڌا، جهونجهار، بھادر. ساجن، پرين، دلبر، محبوب، معشوق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Roys, princes, rajas, braves. Sweethearts. Beloveds.
راوَلَ جا بيتن ۾ حوالا
چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ ڌورُون ڌُونِ،
اَچَنِ ڀَؤُنرَ ڀِنڀُولِئا، پاڻِيءَ تَھِين پُونِ،
راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَھُ لَڳو واسُوئين.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 7 ]

چوڏَھين ڏِينھِن چَلِي وِئا، جوڳِي مَٿي جُوءِ،
اُتي آديسِيَنِ جِي، لَڳي سَينَ صُبُوحِ،
راوَلَ اِنَهِين رُوءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 14 ]

ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي،
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي،
لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي،
ھَلِئا وِئا ھِنگِلاچَ ڏي، راوَلَ راتِ رَچِي،
ڪَرِئو ساکَ سَچِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 22 ]

ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ،
ھَلِئو وَڃين حَجَ تي، راوَلَ اِي نَہ رِيتِ،
پَڪِي کَڻُ پِرِيتِ، تَہ ڪُلَ ۾ ڪَعبو ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 6 ]

آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 12 ]

ويراڳِي واڳِي، ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏِيلَ کي،
راوَلَ رَتين مولِهيين، سامِي سُھاڳِي،
لَنئُن جَنھِين لاڳِي، سو جوڳِي پَسان تَہ جِيئان.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 14 ]

تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو مائي جوڳِيَنِ مُون سين جي ڪِئا،
ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي، گُرَ وَٽِ تُون گَدائِي،
اِشارَتُون اُنِ جُون، وانءُ کَپِي تُون کائِي،
نِنڊَ تَنھِن کي ناھِ ٿِي، جا آدِيسيَنِ اُٺائِي،
رِيجهائِي رَمُوزَ سين، کاھوڙِيَنِ آئُون کانِئي،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، ٻُجَهنِ تان نَہ ٻِئائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، اُنِهين لَيءِ آئِي،
آھي اِنَهِيءَ ڳالِهہ جِي، راوَلَ اِيءَ رُباعِي،
اَکِيُنِ آرَسُ ڇڏِئو، دِلِ ۾ ناھِ دَغائِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 8 ]

سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا ھُونِ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، راوَلَ رَتو رُونِ،
وِھاڻِيءَ واٽنِ تي، پاسا کوڙِئو پُونِ،
مَھيسِي مُنھُن پانھِنجو، ڌاران ڌُوڙِ نَہ ڌُوَنِ،
اِيئَن ڪَنھِن کي نَہ چُوَنِ، تَہ آديسِي آھِيُون.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 8 ]

پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کُوءِ راوَلَ ٻَنِ رُجاتُ،
لِباسان لَطِيفُ چئَي، پَلِ ويراڳِي واتُ،
مَنُ ماري ڪَرِ ماتُ، تَہ تيرَٿُ پَسِين تَڪِيي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 15 ]

نُونَئُون نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي،
اُڪَنڊَ ۾ آديسَ جِي، وِھَڪَ تَنِ ويئِي،
سَناسِي سِڪَ ۾، اوتِينِ ارتوئِي،
لَاْ تَتَحرَڪُ ذَرَةُ اِلَّا بِاذِنِ اللهِ ، وسرِيَنِ ٻِي وائِي،
راوَلَ رِيجهائِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 25 ]