راوَلُ جي سنڌي معنيٰ
شھزادو. حاڪم. سردار. راجا، راءُ. جوڌو، جهونجهار، بھادر. ساجن، پرين، دلبر، محبوب، معشوق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Roy, prince, raja, brave. A sweetheart. Beloved.
راوَلُ جا بيتن ۾ حوالا
راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ،
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ،
لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، مَنجهان ڪِينَرَ ڪاتُ،
آيَلِ آديسِيَنِ جِي، آئُون مُٺِي مُلاقاتِ،
[ سُر رامڪلي، وايون، 9 ]

بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ،
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]
نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ،
نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ،
گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ،
راوَلُ پَسِي رَنگُ، ٿِئا لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 27 ]