جامُ جي سنڌي معنيٰ
پيئڻ جو ٿانءُ، پيالو. شراب جو گلاسُ، ساغر، پيمانو، ڪٽورو، زيتون.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A goblet, kind of drinking bowl.
جامُ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ،
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
جَڏائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،
مَنگَلُ مُنھِنجي مَنَ ۾، ٻارِئو ھوتَ حُمامُ،
اَرَڳِ ٿِئو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 1 ]
مَنگَلُ مُنھِنجي مَنَ ۾، ٻارِئو ھوتَ حُمامُ،
اَرَڳِ ٿِئو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 1 ]
ٿِيَنِ سِڪَ سَيِّدُ چئَي، تيرَھينِ ڏيِنھِن تَمامُ،
گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ،
ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،
ڪھِئو اِي ڪَلامُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 13 ]
گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ،
ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،
ڪھِئو اِي ڪَلامُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 13 ]
رُوحَ ۾ رَھِيُنِ رامُ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو،
پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ،
تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 2 ]
پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ،
تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 2 ]
شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ،
تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ،
ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ، آھي تَنِ آرامُ،
جَنَتَ پِيتائُون جامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 13 ]