جامِعُ جي سنڌي معنيٰ
گڏ ڪندڙ، گڏيندڙ، ملائيندڙ. مُڪمل، ڪامل، سڄو، پورو، سارو. جنھن ۾ سارو تفصيل اچي وڃي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Collector, compriser, compiler, comprehensive, detailed, concise, thorough, collective, universal, all, whole.
جامِعُ جا بيتن ۾ حوالا
جامِعُ سَڀَ جَھانُ، مُنھُن مِحرابُ پِرِينءَ جو،
ڦَرَھِيءَ تان فُرقانَ جي، ڪاٽِئائُون قُرآنُ،
اُڏامِي اُتِ وِئو، عَقُلُ عِرفانُ،
سَڀوئِي سُبحانُ، ڪيڏانھَن ڪَري نِيَتِيان.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 5 ]

مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو،
قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ،
تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرَ چَئِي، جِسمان ٿِئا جَوابُ،
تَنِي ڪِھَڙو ڏوھُ ثَوابُ، جَنِ ھِينئَڙي ھادِي حَلِ ٿِئو.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 4 ]