ثَوابُ جي سنڌي معنيٰ
چڱو ڪم. نيڪي، چڱائي. بدلو، اَجُر، عوض، جزا. الله پاڪ وٽان ملندڙ چڱي ڪم جو بدلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rectitude, what is right, a virtuous action. Moral or religious merit. The desert gained thought honey.
ثَوابُ جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، پاڻان ھوءِ حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄِي وُجُودَ ۾، رَھِيو رُوحَ رَبابُ،
ساھَڙَ ريءَ ثَوابُ، آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 23 ]

سامِي کامِي پِرِينءَ لَيءِ، ڪُسِي ٿِئا ڪَبابُ،
اوتِينِ اَرَتي گاڏُئُون، مَنجهان اَکِيُنِ آبُ،
تِھَڙو ڏِسَنِ ڏوھُ کي، تِھَڙو تَنِ ثَوابُ،
سَندو ذاتِ جَوابُ، تُون ڪِيئَن پُڇين تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 21 ]

مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو،
قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ،
تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرَ چَئِي، جِسمان ٿِئا جَوابُ،
تَنِي ڪِھَڙو ڏوھُ ثَوابُ، جَنِ ھِينئَڙي ھادِي حَلِ ٿِئو.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 4 ]

سُمَهڻُ تَنِ ثَوابُ، جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سين،
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ،
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ ٿِئو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 16 ]