تَرسُ جي سنڌي معنيٰ
ٻاجهہ، ڪھل. ڊپ، خوف، ڀؤ. رحم، قياس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fear, dread, kindness.
تَرسُ جا بيتن ۾ حوالا
آھي گهَڻو اَگَهنِ جو، تَرسُ طَبِيبَنِ،
ڪِئو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِرِيءَ ري ڪِي نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 5 ]
ڪِئو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِرِيءَ ري ڪِي نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 5 ]
تَرسُ طَبِيبَنِ جو، جَڏَنِ ڪِئو نَہ جاتِ،
جَو ويڄَنِ جي واتِ، دارُوئا تَنھِن دُورِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 6 ]
جَو ويڄَنِ جي واتِ، دارُوئا تَنھِن دُورِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 6 ]
ھارِئَا ويڄَ مُياسِ، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي،
پِريان کي چُوندِياسِ، تَہ تَرسُ طَبِيبَنِ ڇڏِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 15 ]
پِريان کي چُوندِياسِ، تَہ تَرسُ طَبِيبَنِ ڇڏِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 15 ]
مَ ڪِي ھيجِ مَ ھوجَ، تَرسُ مَ تاڻِ جَھازَ،
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
گِهڙَڻُ وَھِيڻُو مُون، مِلَڻُ ھَٿِ ميھارَ جي،
سائِرَ سِڪَندِيَنِ جو، تَرسُ پَرُوڙِجِ تُون،
جٖي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏُونھِن، تَنِ کي مَڇِنِ واتَ وَرِ پئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 37 ]
سائِرَ سِڪَندِيَنِ جو، تَرسُ پَرُوڙِجِ تُون،
جٖي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏُونھِن، تَنِ کي مَڇِنِ واتَ وَرِ پئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 37 ]
سُيَئِي ڪا تَنوارَ، ڪِي ھُونئَن ئِي ٿِي ھَٿَ کَڻِين؟
سَوين رولِيُون سَسُئِي، ھوتاڻَنِ ھَزارَ،
ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نَہ سِکِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 1 ]
سَوين رولِيُون سَسُئِي، ھوتاڻَنِ ھَزارَ،
ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نَہ سِکِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 1 ]
تو تان سانگُ نَڪو، ماري مِيرُ وِڌوءِ،
ھيڏو قَھَرُ ڪِئوءِ، مَولا جا مَڱڻا،
ھادِيءَ جا مَڱڻا، توکي تَرسُ نَڪو،
آيُون جو آسَ ڪَري، مَرُ پاندِ تَنھِنجي پوءِ،
ڏِنُئِي نامَ اللهَ جي، سو سِرُ سُڳَندو ھوءِ،
جِمَ موٽائِيين مَڱِڻو، اُڀِي راڻِي خاتُونَ چوءِ.
[ سُر سورٺ، وايون، 2 ]