توبَهَ جي سنڌي معنيٰ
گناھن کان پڇتاءُ. افسوس. پشيماني، ندامت. بان. بُرن ڪمن کان پري رهڻ جو انجام.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Patience, repentance, contrition, inter. An exclamation of sorrow, or aversion for any evil deed.
توبَهَ جا بيتن ۾ حوالا
توبَهَ توبَهَ اِيءَ طَلَبَ، تُنھِنجي دَران مَڱان،
مُون کي پِرِيَنِ ميڙِيين، سائِين ڪَنھِن سَبَبَ،
جَي مُون ھَٿان ڪارِيين، ڪَمَ موچارا رَبَ.
[ سُر پورب، وايون، 4 ]

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ،
توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ پُڄاءِ،
نِڱا پَنھِنجي نَفسَ کي، ڪا سَئِين راھَ سُونھاءِ،
تَہ سَندي دوزَخَ باھِ، تو اوڏِيائي نَہ اَچي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 26 ]

سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نَہ وِڙِھي تَنِ سين،
ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لَنگهِئا آسانُ،
توبَهَ جِي تَحصِيلَ سين، ترِي وِئا طُوفانُ،
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واھَرُو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 7 ]

سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَ آڻي بازِ،
سَندي صَبُرُ سازَ، توبَهَ ڪارِيَسِ تَڪِڙِي.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 11 ]

اَرَتو اَکَڙِيُنِ ۾، مَٿي ڳَلَنِ ڳاڙَ،
ڪوري ڪَنَنِ وِچَ ۾، ڦَچَ ڏِنائُون ڦاڙَ،
ھَڻِي توبَهَ تاڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 14 ]

سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ سَندِياءِ،
وَڏائِي واحِدَ ري، ٻي ڪَنھِن ڪِينَ جُڳاءِ،
توبَهَ ڪِئمِ زيوَرَ ذاتِ کان، لوھِيءَ ڇَلي لاءِ،
مُون کي مَتِ ڏِنِياءِ، ٻِيُون ڪَنبايُئِي ڪيتِريُون.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 28 ]

سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو،
جاڳو اَکَڙيُون،
لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون،
توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي ٿِيُون،
مُون کي ڏِيين نَہ مُنھَن ۾، جي مُون ڪالَهہ ڪِيُون،
ھَنڌِ نَہ آھي ھيڪَڙي، ميمَڻَ جو ھِنيُون،
ڪوھُ ڪَرِيبو تَنِ کي، جَنِي مَنجِهہ ڪِيُون،
حُسُنُ راھُو مَنِ جو، مُنھِنجو آھِ مِيُون،
مُنھِنجا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، ٻِئا ڪَنِ ٻِيُون،
اَرَتو اوتَڻُ سِکِيُون، عادَتَ اَکڙِيُون.
[ سُر رِپ، وايون، 2 ]

اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُ ڏِينسِ،
آڌِيءَ اِستِغفارَ جو، کَرڙو خاصُ ھَڻِينسِ،
توبَهَ تَلُ ٿاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ تَنگُ ڪڍِينسِ،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، اِيءَ واتِ ڪَرياڙِي ڏِينسِ،
لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِٱللّٰهِ ، اِيءُ چاٻُڪُ چَکائِينسِ،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ٽوري ٽَھلائِينسِ،
اِنهين حالِ ھَلائِينس، تَہ سُوڌو وَڃي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 8 ]