الاللهَ جي سنڌي معنيٰ
اسلام ۾ ڪلمي جو ھڪ حصو، جنھن جو مطلب آھي سواءِ اُن الله جي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Except Allah
الاللهَ جا بيتن ۾ حوالا
وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ،
ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين،
مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن،
سُکَ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ويھِي نَہ ووڙِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪورِينِ، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 9 ]

وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا،
مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا،
عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا،
جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 8 ]

وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ ڪِئا اَڌَ،
سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪَنھِن اَڀاڳِيءَ نَہ ٿِئي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 7 ]

عِشقَ جي عَمِيقَ مان، چُڪو چَکِيائِين،
وِھَڻُ تَنھِن وِھُ ٿِئو، گهَرُ ٻارُ گهورِيائِين،
الاللهَ آسَڻُ ڪَري، سَرِيرُ سوجِهيائِين،
مَن عَرَفَ نَفسَهُ فَقَد عَرَفَ رَبَهُ ، ڏيلا ڏِٺائِين،
پِرِتان پِيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 20 ]

جوڳِي سيئِي، جَنِ کي مَنَ ۾ مالا،
سامِي سيئِي، جَنِ کي مُنھَن ۾ مُنڊا،
پيٺا سي مَڙِهيءَ ۾، الاللهَ، سِيتِ گُروءِ جي سَنگا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 4 ]