ڪَمانَ جي سنڌي معنيٰ
جنگ ۽ شڪار جو هٿيار تير جيان سينڱ، اڌ گولُ، ڌنشُ، وَنگُ. درن ۽ درين مٿان اڌ گول وانگر لڳل ڪاٺي. لوھ جو لچڪيدار ويڙهو، اِسپرنگ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A spring steel. A bow.
ڪَمانَ جا بيتن ۾ حوالا
جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ رَکُ،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ،
سُورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 7 ]
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ،
سُورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 7 ]
جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ ڏيجِ،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ،
پاھان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 8 ]
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ،
پاھان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 8 ]
جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ نَئِي ڏِجي سِينو،
ڪِجي نَہ ڪِينو، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 9 ]
ڪِجي نَہ ڪِينو، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 9 ]
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان مارِ مَ مُون،
مُون مَنجِهہ آھِين تُون، مَڇُڻ تُنھِنجو ئِي توکي لَڳي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 10 ]
مُون مَنجِهہ آھِين تُون، مَڇُڻ تُنھِنجو ئِي توکي لَڳي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 10 ]
رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ،
نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ،
ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،
ٻِي رَھِيائِي ڪانَہ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 13 ]
نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ،
ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،
ٻِي رَھِيائِي ڪانَہ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 13 ]
مُومَلَ ھَٿِ ڪَمانَ، نِسورِيائِي نِينھَن جِي،
ھَڻِي حَڪِيمَنِ کي، ٻَنگَ نِھارِئو ٻاڻَ،
جَهرَ ڪِئا پَسُ جُوانَ، جَنِ ڪا ڪِئان گهيڙئا ڪرھا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 15 ]
ھَڻِي حَڪِيمَنِ کي، ٻَنگَ نِھارِئو ٻاڻَ،
جَهرَ ڪِئا پَسُ جُوانَ، جَنِ ڪا ڪِئان گهيڙئا ڪرھا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 15 ]
English Meaning
A spring steel. A bow.