کُوھَ جي سنڌي معنيٰ
زمين اندران پاڻي هٿ ڪرڻ لاءِ کنيل اونهي کڏَ، زمين ۾ کوٽيل ۽ سرن سان اوساريل گولائي کڏ، جنھن مان پاڻي حاصل ڪجي، تڙ .
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Well, a deep pond.
کُوھَ جا بيتن ۾ حوالا
کان ڌَرَتِيءَ سِکُ، خاصَ نُکتو کانڌِ جو،
کُوھاڻا کُوھَ کَڻِي، ماسُ ڪَپِينِسِ مِکُ،
تابُ نَہ آڻي تِکُ، نارُ آڻي نُورَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 16 ]
کُوھاڻا کُوھَ کَڻِي، ماسُ ڪَپِينِسِ مِکُ،
تابُ نَہ آڻي تِکُ، نارُ آڻي نُورَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 16 ]
چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي کُوھَ،
پَسِي مُنھُن ساھَڙَ جو، راضِي ٿِيندَنِ رُوحَ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُبوحَ، پَرَچِي پارِ لنگهندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 30 ]
پَسِي مُنھُن ساھَڙَ جو، راضِي ٿِيندَنِ رُوحَ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُبوحَ، پَرَچِي پارِ لنگهندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 30 ]
ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نَہ ٻِئا چَڙَھنِ،
تَہ ڪوھُ کُوھَ کَڄَنِ، جُھ سَرُ لَڀي سُڀَرو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 12 ]
تَہ ڪوھُ کُوھَ کَڄَنِ، جُھ سَرُ لَڀي سُڀَرو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 12 ]
چوري چَنجُورَنِ سين، کوٽي کَنيائُون کُوھَ،
لاکي سَندِي ڳالِهڙِي، رَکِيائُون مَنجِهہ رُوحَ،
پَڌَرِ ناھِ پاٻوھَ، اَندَرِ اورَڻُ پِرِينءَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 31 ]
لاکي سَندِي ڳالِهڙِي، رَکِيائُون مَنجِهہ رُوحَ،
پَڌَرِ ناھِ پاٻوھَ، اَندَرِ اورَڻُ پِرِينءَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 31 ]
کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽ ٻُوھَ،
ھاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئان،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوھَ،
سُتِي سَڄَڻَ سارِئا، راتِ مُنھِنجي رُوحَ،
ھَلَنِ ھيلُون ٻَڌَنِ ٻيلُون، مُندَ موچارِي مُوھَ.
[ سُر مارئي، وايون، 1 ]
ھاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئان،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوھَ،
سُتِي سَڄَڻَ سارِئا، راتِ مُنھِنجي رُوحَ،
ھَلَنِ ھيلُون ٻَڌَنِ ٻيلُون، مُندَ موچارِي مُوھَ.
[ سُر مارئي، وايون، 1 ]
چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، رَهِئا اَندَرِ رُوحَ،
اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي، مارُو مَٿي مُوهَ،
ويرُون وِلوڙَنِ سَندِيُون، سارِئان گهَڻو صُبوحَ،
وَرُ سي کارا کُوھَ، سِنجِئَمِ جٖي ساڻيھَ جا.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 10 ]
اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي، مارُو مَٿي مُوهَ،
ويرُون وِلوڙَنِ سَندِيُون، سارِئان گهَڻو صُبوحَ،
وَرُ سي کارا کُوھَ، سِنجِئَمِ جٖي ساڻيھَ جا.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 10 ]
چِيلا ۽ چارا، مارُنِ جا مَلِيرَ ۾،
اُٿِئو ڀَرينِ اَسُورَ جو، وَرَتُنِ سين وارا،
ڇَڏي کُوھَ کارا، مارُو مِٺي موٽِئا.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 12 ]
اُٿِئو ڀَرينِ اَسُورَ جو، وَرَتُنِ سين وارا،
ڇَڏي کُوھَ کارا، مارُو مِٺي موٽِئا.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 12 ]
ماري نَہ ڌاري، نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي،
کارَو وِڌائِين کُوھَ ۾، نِرتَئُون نِھاري،
سائِي پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي سَپَجي.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 1 ]
کارَو وِڌائِين کُوھَ ۾، نِرتَئُون نِھاري،
سائِي پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي سَپَجي.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 1 ]
English Meaning
Well, a deep pond.