ڏُونگَرِ جي سنڌي معنيٰ
پھاڙ وٽ يا ويجهو، جَبَل، پھاڙ، پاھڙ، ڇَپَر، پَربت، ڪوھ، روھ. پَھاڙِي، ٽَڪَر، ٽڪرِي، ٽوڙها.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
At the mountain, hill, stone.
ڏُونگَرِ جا بيتن ۾ حوالا
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرِ اَٿَئِي ڏَسُ،
پُنهون ڄامَ پَسُ، سِرَ ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 18 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرِ اَٿَئِي ڏَسُ،
پُنهون ڄامَ پَسُ، سِرَ ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 18 ]
ٻَڌِي سُورَنِ سَندِرو، صُبُوحِ ڏُونگَرِ ڏورِئامِ،
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
اُلَھِي سِڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،
پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرِ ٻاروچَنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 8 ]
پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرِ ٻاروچَنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 8 ]
سَسُئِي سِڄُ وِئو، ڏِجِ وَراڪو ويڙِھ ۾،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرِ ڏَسُ پِئو،
آرَسُ جَنِ ڪِئو، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 12 ]
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرِ ڏَسُ پِئو،
آرَسُ جَنِ ڪِئو، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 12 ]
رُڳو رَنجائو، سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي،
ڏُونگَرِ ڏولائو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 1 ]
ڏُونگَرِ ڏولائو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 1 ]
ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چاڙِھيڪا چَکِئامِ،
آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳاَمِ،
پُڇِجِ پِرِين سَندامِ، وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 22 ]
آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳاَمِ،
پُڇِجِ پِرِين سَندامِ، وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 22 ]
ٻَرِي تَہ ٻيلِي گَهڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ،
رَفاقَتَ رِڃُنِ ۾، ڏُونگَرِ ڪَري ڏُکُ،
آرِيءَ جو اُھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 25 ]
رَفاقَتَ رِڃُنِ ۾، ڏُونگَرِ ڪَري ڏُکُ،
آرِيءَ جو اُھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 25 ]
ڏُونگَرِ ڏِيِئَٽِيُون، صُبُوحِ ٻَرِيُون سُڃَ ۾،
وَسائي وَرِي آيا، سَندِيُون پَٻَ پَٽِيُون،
جي گُهَمنِ حَقَ گَهٽِيُون، تَنِ ڏسِڻُ ٿِئو ڏوٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 16 ]
وَسائي وَرِي آيا، سَندِيُون پَٻَ پَٽِيُون،
جي گُهَمنِ حَقَ گَهٽِيُون، تَنِ ڏسِڻُ ٿِئو ڏوٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 16 ]
اَڄُ پُڻ اَڱڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيان،
ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳانِ، مانَ وَرِ ڪَنِ سُپِرِين.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 2 ]