پَھَڻَ جي سنڌي معنيٰ
پاھڻ، پٿر، پھاڙ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Stones, mountains, hills.
پَھَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
وارو مُون وَڻَراھِ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏِيو،
وِجِهي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجهاءِ،
مَنجهان پَھَڻَ پِيادِيُون، ھادِي ئي ھَلاءِ،
پِريان کي پَھچاءِ، تَہ لَڳِي لُوٺو تَہ ٿِيين.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 9 ]
وِجِهي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجهاءِ،
مَنجهان پَھَڻَ پِيادِيُون، ھادِي ئي ھَلاءِ،
پِريان کي پَھچاءِ، تَہ لَڳِي لُوٺو تَہ ٿِيين.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 9 ]
پَھَڻَ پُرياڌي پَٻَ جا، جاڏا جَبَلَ جِتِ،
لُڇي مُنڌَ لَطِيفُ چئَي، تاڪُو پَسِئو تِتِ،
ھوتَ پَھچِجِ ھِتِ، آءُ تَہ اوَجَهڙِ نَہ پَوان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 14 ]
لُڇي مُنڌَ لَطِيفُ چئَي، تاڪُو پَسِئو تِتِ،
ھوتَ پَھچِجِ ھِتِ، آءُ تَہ اوَجَهڙِ نَہ پَوان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 14 ]
پَھَڻَ پُرياڌي پَٻَ جا، جَبَلَ جِتِ جاڏا،
توڏَنِ جا تَڙَ ڀِيڙَ ۾، کُپَنِ مَ کاڏا،
اَچَنِ جي آڏا، لَڪَ سَوَلا لَنگهِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 15 ]
توڏَنِ جا تَڙَ ڀِيڙَ ۾، کُپَنِ مَ کاڏا،
اَچَنِ جي آڏا، لَڪَ سَوَلا لَنگهِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 15 ]
جَبَلُ ڏي نَہ جَوابُ، اَڳِئان آرِيچَنِ جو،
سَندو اَکِيُنِ آبُ، پَھَڻَ ٿو پُرزا ڪَري.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 7 ]
سَندو اَکِيُنِ آبُ، پَھَڻَ ٿو پُرزا ڪَري.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 7 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، تَپِي ڪَندين ڪوھُ،
تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، لِڱَ مُنھِنجا لوھُ،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، اَمُرَ مُون سين اِيئَن ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 7 ]
تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، لِڱَ مُنھِنجا لوھُ،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، اَمُرَ مُون سين اِيئَن ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 7 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، دِلِاسا ڏِجَنِ،
گهَڻو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندا تَنِ، پَھَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 11 ]
گهَڻو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندا تَنِ، پَھَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 11 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جو، توکي ناھِ تَرَسُ،
پَھَڻَ پَرَڏيهِنِ سين، ڪو اَڳي ھوءِ عَڪَسُ،
پيرَ مُئِيءَ جا پَسُ، جي چِنجُهنِ چِيهاڙِيُون ڪِئا.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 12 ]
پَھَڻَ پَرَڏيهِنِ سين، ڪو اَڳي ھوءِ عَڪَسُ،
پيرَ مُئِيءَ جا پَسُ، جي چِنجُهنِ چِيهاڙِيُون ڪِئا.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 12 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا،
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو،
سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون،
ٻانھُون ٻيلَ نَہ لاھِيان، پُنَهلِ کي آئُون،
چَڙِهي نَہ سَگهان چوٽِيين، مارَڳُ مَٿاھُون،
ھُو جي پَھَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيا مُڪائُون،
مُون مُٺِيءَ تي مَنڊئا گُوندَرَ گِلائُون،
ھِينئَڙو ڏَندَڻَ پاڙَ جِيئَن، ڇِڪِيءَ ڇِنائُون،
ھِينئَڙو ڌاڙُھُونءَ گُلَ جِيئَن، ريھي رَتائُون،
ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرَ ڏِنائُون،
ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، تان گهورِي مَرُ آئُون،
ويندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئِيءَ سُکائُون،
پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، موٽِيَسِ جي آئُون،
ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڻِ وَڻِ واچائُون.
[ سُر حسيني، وايون، 1 ]

ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان،
جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ،
سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 5 ]
جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ،
سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 5 ]
English Meaning
Stones, mountains, hills.
پَھَڻَ ٻول جا زمرا