پَلَئِہ جي سنڌي معنيٰ
پلئہ سان، ڪپڙي جي پلاند يا ڇيڙي يا قميص يا وري چولي جي داوَن سان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
With the hem or border of a garment, with a skirt.
پَلَئِہ جا بيتن ۾ حوالا
آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ،
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 5 ]
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 5 ]
سودو اِھوئِي سَفِرو، سو مُون پَلَئِہ پاءِ،
وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ،
ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ مِڙي ماءِ،
لُطِفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لَهرو لَهرِيُنِ وِچَ مانَ.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 9 ]
وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ،
ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ مِڙي ماءِ،
لُطِفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لَهرو لَهرِيُنِ وِچَ مانَ.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 9 ]
اَگهِئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي،
پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 15 ]
پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 15 ]
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڏي، سَندا ميھَرَ ميھَڻا،
جَهلِيان ٿِي جهولِيءَ ۾، پَلَئِہ پايو سي،
مَرُ تان چالِيھَ چئَي، سَڱا سُپَيرِيَن جي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 18 ]
جَهلِيان ٿِي جهولِيءَ ۾، پَلَئِہ پايو سي،
مَرُ تان چالِيھَ چئَي، سَڱا سُپَيرِيَن جي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 18 ]
مُون اَنڌِيءَ ڏي اَڄُ اِيندا، ھوتَ سَلامَتَ سُپِرِين،
سَڱُ نَہ ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا،
پَريٽِ نِيندا پاڻَ سين، ڇورِي تان نَہ ڇَڏِيندا،
پَلَئِہ لائي پانھِنجي، نِيءَ کي اُتِ نِيندا،
رَکِي ڳَلُ ڳِلَنِ تي، نِينھَن نِياپو ڏِيندا.
[ سُر آبڙي، وايون، 16 ]

پَلَئِہ پايو پوڻِيُون، دَرِ دَرِ ڀيرا ڏي،
ڪا مُون ڪَتائي، ڪاپائِتي آھِيان.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 29 ]
ڪا مُون ڪَتائي، ڪاپائِتي آھِيان.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 29 ]
لاکا لَکَ سُڄَنِ، آئُون واڏِڻِ اَگَلِي،
پَلَئِہ لَڳِي جَنِ، اوڏَ پِہ آجا ٿِئا،
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 5 ]
پَلَئِہ لَڳِي جَنِ، اوڏَ پِہ آجا ٿِئا،
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 5 ]
English Meaning
With the hem or border of a garment, with a skirt.