پَرُوڙِ جي سنڌي معنيٰ
ڄاڻُ، سمجهُہ، پرکِ. پڇاڻِ. سڃاڻپ ڪر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Understand, opinion, be informed.
پَرُوڙِ جا بيتن ۾ حوالا
پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا،
ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ،
ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 4 ]
ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ،
ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 4 ]
جو تُون ڏوريين ڏُورِ، سو سَدا آھي ساڻُ تو،
لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، مَنجِهين ٿِي مَعذُورِ،
مَنجهان پَئَن پَرُوڙِ، تو مَنجِهہ آھِسِ تَڪِيو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 9 ]
لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، مَنجِهين ٿِي مَعذُورِ،
مَنجهان پَئَن پَرُوڙِ، تو مَنجِهہ آھِسِ تَڪِيو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 9 ]
مَنجهان پَنءَ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ سَسُئِي،
ويھِي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجِهجِ ڌُوڙِ،
تَہ تُون ماڻِيين مُوڙِ، جي پَندِ اِھائِي پارِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 17 ]
ويھِي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجِهجِ ڌُوڙِ،
تَہ تُون ماڻِيين مُوڙِ، جي پَندِ اِھائِي پارِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 17 ]
اُٿِي پَھُ پَرُوڙِ، ساجُهرِ سُپَيرِيَن جو،
ڏُونگَرَ ڌَڻِي ڏُورِ جِمَ وَڃَنَئِي نِڪِرِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 8 ]
ڏُونگَرَ ڌَڻِي ڏُورِ جِمَ وَڃَنَئِي نِڪِرِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 8 ]
تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ،
سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو،
ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ،
اُڀِي اَرداسُون ڪَري، حَمِيراڻي حُضُورِ،
مُون کي ويلَ نَہ وِسَري، مارُوءَ سَندِي مُورِ،
سانبِي سارِئَمِ سُومَرا، ڏيھِي وِئَڙا ڏُورِ.
[ سُر مارئي، وايون، 9 ]

جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ،
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ،
ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،
پَکِي پھرِين پُورِ، ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 17 ]
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ،
ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،
پَکِي پھرِين پُورِ، ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 17 ]
عُمَرَ تو ماڙِيُون ھِي، ڪِينَ نِبَھَندِيُون مُورِ،
نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڏيھان ڪَڍِي ڏُورِ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِهائِي پَرُوڙِ،
آندِيَئِي جَا اَزُورِ، تَنھِن بَندِياڻِيءَ بِدا ڏي.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 9 ]