پَريٽِ جي سنڌي معنيٰ
ڌوٻياڻي، کٽياڻي، ڪپڙا ڌوئندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Washer woman. One who wash clothes.
پَريٽِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي،
ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو،
وَسِيلو وِلِهِيءَ جو، آڳانڍو اَئِين آھِيو،
پاسي ۾ پَرِٽِ جي، جيڪي اُٺَ جُهڪايو،
وِلَهِيءَ جي وِھانءَ ۾، واڄَٽَ سَڀَ وَڄايو،
اُگَهاڙِي آتَڻ ۾، پَنھِنجِي پاڻَ پَراھِيو،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، صُورَتَ کي مَ سَڪايو،
ساڪِنَ ٿِي شَھَرَ جا، مَعذُورِ کي مَرڪايو،
پُنهونءَ ڄامَ پَريٽِ سين، ويھِي سُورَ وِرَھايو،
لاھي بارُ ڀَنڀورَ ۾، ويندي گهوٽَ وَناھِيو،
پُنهونءَ ڄاڃِيَڙَنِ کي، رَڌي کيڻَ کارايو،
پَرَڻائي پُنهونءَ کي، نيکيٽيءَ نِکَڙايو،
ٻيلِي ٿِي ٻانڀَڻِ سين، ڏِکي ڏيجُ ڏيکاريو.
[ سُر آبڙي، وايون، 3 ]

مُون اَنڌِيءَ ڏي اَڄُ اِيندا، ھوتَ سَلامَتَ سُپِرِين،
سَڱُ نَہ ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا،
پَريٽِ نِيندا پاڻَ سين، ڇورِي تان نَہ ڇَڏِيندا،
پَلَئِہ لائي پانھِنجي، نِيءَ کي اُتِ نِيندا،
رَکِي ڳَلُ ڳِلَنِ تي، نِينھَن نِياپو ڏِيندا.
[ سُر آبڙي، وايون، 16 ]

اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن،
ڪو ڏَسُ مُون ڏي،
نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون جَتِ نَہ اوٺِي،
اُنِهين مَنجهان آھِيان، جٖي ٻانڀَڻَ پَڙَهنِ پوٿِي،
سَنجهي وِئَڙو سُپِرِين، ساجَنُ پُڇان سو ٿِي،
رويو چُئان رُڃنِ ۾، ھئَي ھئَي ھَٺَ ڪوھُ ٿِي،
ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي، مَنجهان نِينھَن نِڪُو ٿِي،
آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِنِ جوءِ ٿِي،
پَريٽِ ٿيِندِيَس پُنهون پُڇندِيَس، پَڇاڙيندِيَسِ پوتِي،
ھِتان ٿِي ھوتُ وِئو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
سَنجهي ساٿَ پَلاڻِئو، تو پَلاڻِئو پوءِ ٿِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 20 ]

ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، ماڻِيائِين مَزا،
پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا،
وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا،
مَٿان جانِ جَزا، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 23 ]

ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،
پُوندا ڪِينَ پَريٽِ تي، سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَڳائِيءَ جِي سَيِّدُ چئَي، آھي سُڌِ سَڀَنِ،
ھُوندَ نَہ ھِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 18 ]