پاندَ جي سنڌي معنيٰ
پلؤ، دانوَن، دامن، جهولِي، ڍَڪُ، پردو، حَد، ڇيھُ، ڪنارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cover, limit, support, patronage.
پاندَ جا بيتن ۾ حوالا
تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا،
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
مُون ٿي چَيُئِي ڪانڌَ، ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُڙِي،
سِڙَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون صَحِي لَڳندِيُون.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 1 ]
سِڙَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون صَحِي لَڳندِيُون.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 1 ]
سَرَ نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين،
مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ، سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 11 ]
مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ، سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 11 ]
ڀَلو ڀَلو ٻانڊَ، لُڙِھين لَهِرِنِ وِچَ ۾،
ڪِٿي تُنھِنجِيُون پاڙوُن، ڪِٿي تُنھِنجا پاندَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 31 ]
ڪِٿي تُنھِنجِيُون پاڙوُن، ڪِٿي تُنھِنجا پاندَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 31 ]
ويٺِي رُوءِ وَڇُنِ سان، پُڄِئو پِينگهَنِ پاندَ،
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ، گهَڙو ڀَڳو تان گهورِئو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 14 ]
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ، گهَڙو ڀَڳو تان گهورِئو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 14 ]
ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سَنجهي سِيءَ مَران،
ڪوڙيِين ڪَپاھَنِ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران،
تارِيءَ تَنھِن تَران، جَنھِن وَرَ وِھاڻِيءَ ووڙِئو.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 23 ]
ڪوڙيِين ڪَپاھَنِ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران،
تارِيءَ تَنھِن تَران، جَنھِن وَرَ وِھاڻِيءَ ووڙِئو.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 23 ]
مَرُ مَرين آئُون رُئين، موٽِي آءُ مَ ڪانڌَ،
ڪَچَن وَڏا پاندَ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 15 ]
ڪَچَن وَڏا پاندَ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 15 ]
صَدا وِڌِيَمِ سُورَ جِي، اَڳِئان ڪوھِيارِي،
جَو نَجِسُ نِکاري، سو پُنهون وِڌمِ پاندَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 31 ]
جَو نَجِسُ نِکاري، سو پُنهون وِڌمِ پاندَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 31 ]
پائي آيَسِ پاندَ ۾، سوڍا سَڀَيئِي،
ڍولا ڍَڪِجِ اِي، مَڇُڻ عَيبَ اُپَٽِيين.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 21 ]
ڍولا ڍَڪِجِ اِي، مَڇُڻ عَيبَ اُپَٽِيين.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 21 ]
پائي آيَسِ پاندَ ۾، تو دَرِ عَيبَ اَپارَ،
جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ،
اَڻَ وڻِتِ جا آچارَ، شالَ ڪانڌُ ڪَري مَ ڪَنھِن سين.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 2 ]
جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ،
اَڻَ وڻِتِ جا آچارَ، شالَ ڪانڌُ ڪَري مَ ڪَنھِن سين.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 2 ]
English Meaning
Cover, limit, support, patronage.