ٻاروچو جي سنڌي معنيٰ
ٻروچڪو، ٻروچ ذات جو. (پنهونءَ جي نسبت سان سندس ذات وارو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of or belonging to Belochs.
ٻاروچو جا بيتن ۾ حوالا
وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھوتُ نَہ گهورِيين ھِتَھِين،
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِھارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 10 ]
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِھارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 10 ]
ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان،
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان،
ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،
ڪارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪانَہ ڪَٿا،
مُون کي نِينِ نَٿا، پِرِين مُلِڪِ پانھِنجي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 25 ]
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان،
ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،
ڪارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪانَہ ڪَٿا،
مُون کي نِينِ نَٿا، پِرِين مُلِڪِ پانھِنجي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 25 ]
وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن،
سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 9 ]
سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 9 ]
ڏِٺو جَنِ ھيڪارَ، آرِياڻِي اَکِيُنِ سان،
وِئو تَنِ نَہ وِسَرِي، ٻاروچو ٻِيهارَ،
تَنِي سَندا پارَ، پِٽَڻَ ۾ پَڌِرا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 19 ]
وِئو تَنِ نَہ وِسَرِي، ٻاروچو ٻِيهارَ،
تَنِي سَندا پارَ، پِٽَڻَ ۾ پَڌِرا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 19 ]
ٻاروچو ٻِيءَ رُوءِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين،
سَنجهي ۽ صُبُوحِ، ھُوندَ نَہ وِئَڙو وِسَرِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 22 ]
سَنجهي ۽ صُبُوحِ، ھُوندَ نَہ وِئَڙو وِسَرِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 22 ]
ٻاروچو ٻِيءَ ڀَتِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين،
مُون جِيئَن مُوڙِھِيَنِ مَتِ، پَسَنديئِي پُنهونءَ کي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 23 ]
مُون جِيئَن مُوڙِھِيَنِ مَتِ، پَسَنديئِي پُنهونءَ کي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 23 ]
لائي جَڙَ جَتَنِ سين، آئُون جا چَڙِھِي نِينھَن نظاري،
آئُون جا ڪُٺِيَسِ ڪاڻِ ڪوھِيارِي،
مَچُ مُھِنجي مَنَ تي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
اِيندا اَٿَمِ آسِرو، واڳَ وِلِهِيءَ تي واري،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون چاتو عَشقُ اِزاري.
[ سُر حسيني، وايون، 7 ]
آئُون جا ڪُٺِيَسِ ڪاڻِ ڪوھِيارِي،
مَچُ مُھِنجي مَنَ تي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
اِيندا اَٿَمِ آسِرو، واڳَ وِلِهِيءَ تي واري،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون چاتو عَشقُ اِزاري.
[ سُر حسيني، وايون، 7 ]
روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين،
وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون،
ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان تان وَٽِ مُون،
عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي، ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون،
سَڀَ رَڱيِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون،
ڪانگَ لَمَندا ڪَڏِھيِن، مادَرِ مَٿان مُون،
ھِتي ھُتي لَطِيفُ چئَي، سَدا آھِين تُون.
[ سُر حسيني، وايون، 22 ]

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي آيَلِ جَهلَ مَ پاءِ،
جَهلُون پَلُون پائِيين، پاڻان مَتِ نَہ آڇِيين ماءِ،
وِئو ٻاروچو نِڪِري، مُون کي سُورَ چکائي ساءُ،
مُنھِنجا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي. ريبي تان مَ رَھاءِ.
[ سُر حسيني، وايون، 30 ]