وِھو جي سنڌي معنيٰ
ويھو، ترسو، رُڪو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sit, stay
وِھو جا بيتن ۾ حوالا
وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا،
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي جو حالُ مُنھِنجي جِندَڙي،
پائي وِئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کَرَسَ کَسو،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، ڏيئِي تَنَ تَسو،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاهَ کي، سُورَنِ جو سَرَسو،
مَتان وِھو ويسَلِيُون، رِڙِھو تان رَسو،
ساءُ نَہ آيان سُورَ جو، ھاڻي ٿِيُون ھَسو،
مُندائتي مِينھَن جِيئَن، ويروتارَ وَسو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 9 ]

ھيجُ نَہ ھُوندو جَنِ، سي ڪِيئَن وِندُرِ ويندِيُون،
وِھو وِچِ رَھَنِ، سَھِسين سَڌُنِ وارِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 1 ]
وِھو وِچِ رَھَنِ، سَھِسين سَڌُنِ وارِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 1 ]
آيَلِ آديسِيَنِ جُون، اَڌَ لَڳِيُون آھِين،
وِھو وِھائِينِ، ڪا قَضاني راتِڙِي،
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 21 ]
وِھو وِھائِينِ، ڪا قَضاني راتِڙِي،
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 21 ]
جَکِري جِھو، ڏِسان ڪونَہ ڏيھَنِ ۾،
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
وَڃِي ڇو نَہ وِھو، اِنَ دَرِ سُوالِي مَڱڻا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 10 ]
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
وَڃِي ڇو نَہ وِھو، اِنَ دَرِ سُوالِي مَڱڻا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 10 ]
English Meaning
Sit, stay