وِلِها جي سنڌي معنيٰ
غريب، ڪنگال، تمام غريب. بي وارث، ڇڙوڇانڊ، جن کي گهر ٻار نہ هجي. نڌڻڪا، غيباڻا، بي رونق، خالي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Indigents, needy, poor persons. Misers.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
وِلِها جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، سَندِي بابُوئنِ بانسَ،
وِئا ويراڳِي نِڪِرِي، وِلِها ڪَري واسَ،
جَنِ جِي اَندَرَ ۾ اُداسَ، سي لاھُوتِي لَڏي وِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 14 ]

پاڻا مَٿي مَڱَڻي، ڏاتَرَ ڏُکَ ڪِئا،
مُون دَرُ ڇڏِئو مَڱڻا، پِنين ڪوھُ ٻِئا،
تيلاھِين پِئاءِ، وِچِ وِلِها ڏِينھَڙا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 49 ]

تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِھارِجِ سُڀَرو،
ڏِيندُءِ لَکَ لَطِيفُ چئَي، راڄِ راھُوءَ جي رَسُ،
وِلِها جَنھِن وَنِھِئان ڪِئا، پاڳَ تَنھِين جي پَسُ،
ڪوڙيِين لاھي ڪَسُ، جُھ ڳالَهائي ڳاٽُ کَڻِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 13 ]

پِيو مَنجِهہ ڦُلِهِيارَ، ماڻِڪُ ميرو نَہ ٿِئي،
لالِي تَنھِن نَہ لَھي سارِي سَڀَ ڄَمارَ،
وِلِها جٖي وِينجهارَ، ڪَچُ ڪَمائِين ڪِينَ ڪِي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 27 ]