وَڻِڪارِ جي سنڌي معنيٰ
ضلعي لسٻيلي جي کيرٿر جبل جي قطار سان گڏ هڪ ماڳ، اها جُوءِ جتان نئن باران اچي ٿي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A green area of district Lassbela.
وَڻِڪارِ جا بيتن ۾ حوالا
وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھوتُ نَہ گهورِيين ھِتَھِين،
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِھارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 10 ]
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِھارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 10 ]
تو جو ٻولُ ٻَروچَ، ويھِي ڪِئو وَڻِڪارِ ۾،
سوئِي پارِجِ ھوتَ، وِلِهِيءَ مُون مَعذُورِ سين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 14 ]
سوئِي پارِجِ ھوتَ، وِلِهِيءَ مُون مَعذُورِ سين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 14 ]
وارو مُون وَڻِڪارِ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏيِين،
آھي اَسُونھِن جِي، مَٿي تو مَيارَ،
وِڙِھِئا ويراڳَڻِ سين، لَڪَنِ جا لِيارَ،
ڪَرِيان ٿِي ڪُوارَ، ڪَنڊَنِ ڪانڊيرَنِ جا.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 10 ]
آھي اَسُونھِن جِي، مَٿي تو مَيارَ،
وِڙِھِئا ويراڳَڻِ سين، لَڪَنِ جا لِيارَ،
ڪَرِيان ٿِي ڪُوارَ، ڪَنڊَنِ ڪانڊيرَنِ جا.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 10 ]
ماءُ وِھاڻو وارِ، کَڻُ پَٿِراڻِي پانھِنجي،
جيڪِي ڏِنُئِي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ،
وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهونءَ جو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 4 ]
جيڪِي ڏِنُئِي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ،
وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهونءَ جو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 4 ]
English Meaning
A green area of district Lassbela.