ويجهِي جي سنڌي معنيٰ
اوڏڙي، نزديڪ، قريب، ويجهڙي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Near, close.
ويجهِي جا بيتن ۾ حوالا
وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي،
پُڇان واٽَ پَنوَھارَ تو، ٻَيَڙَ آھِيان ٻيجِي وو ٻيجِي،
جَا نَہ ھَلَندِي ھوتَ ڏي، پيءُ تَھِين جو پازِي وو پازِي،
نَمُ گُهرِجي نِينھَن جو، آھِيان آئُون اَروجِي،
ڪَرَھا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جا، جوڙي مَنجِهہ جَمازِي،
ويندِيَسِ تَھِين وَرَ ڏي، آھِيان زالَ جَھِين جِي،
جَا نَہ پُرَندِي پِرِينءَ ڏي، سا تان مِلڪَ مي جِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 12 ]

مُون جَهليندي نَہ رَھِيا، جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهِي وَڻِجارَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 6 ]

مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيجِ،
ڪُٻيلِياڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلائيجِ،
پاڻَ ڌاران پِريَتَڻو، سَسُئِي ساڻُ کَڻيجِ،
اوڏِي عَزازِيلَ کي، ويجهِي تان مَ وَڃيجِ،
نااُميدِي نيجِ، تَہ اوڏِي ٿِيين اُميدَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 14 ]

ھيڪَرَ ھُئَڻُ وِڃاءِ، تَہ ويجهِي ٿِيين وِصالَ کي،
وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، پَھِي اِيءَ پِڃاءِ،
لالَڻَ کي لِيلاءِ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 11 ]

کُھِي جَا کَنيائِين، تَنھِين وِکَ ويجهِي ڪِي،
ڇِڪي ڇِنائِين، پَنڌُ مِڙيوئِي پَٻَ جو.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 15 ]
ڇِڪي ڇِنائِين، پَنڌُ مِڙيوئِي پَٻَ جو.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 15 ]
اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ،
مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ،
جٖي تو اوڏا ڀانيا، ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺِيين، موتِي کي مَيَن،
آڻي لاٿِيُون اوٺِيين، لَڏوُن ڀَر لَڪَنِ،
وِندُرِ وائِي جا وَھي، مُون کي سا نَہ سَلَنِ،
سُونھَنِ سَنگهَر پَٽِيين، مَنَھَن مَعذُورِيَنِ،
مَرَڻَ مُنھِنجي کي ڪِئو، ھِيءُ پَھُ ٻاروچَنِ.
[ سُر آبڙي، وايون، 9 ]

اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي،
پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ،
چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِئَڙُسِ لالَ،
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جِي، جَهلِجِ پَٻَ پِيالَ،
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجالَ،
پُڇي پيادَنِ کي، آرِياڻِي اَحوالَ،
جي ڀانيَين جَتَنِ جي، ويجهِي ٿِيان وِصالَ،
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وِجِهِجِ ڪا وَڙالَ.
[ سُر معذوري، وايون، 2 ]

پَرٽِياڻِيءَ پَارَ، ڪِڍِيا ھوتَ پُنهونءَ لَئي،
آھِ اَسان جِي مَيَنِ تي، موڪَلَ جِي مَيارَ،
ٿِي وِرُونهي وَڻَنِ سين، جَهلِئو لامَ لِيارَ،
ڪَنڊَنِ ۽ ڪَرِيڙَنِ کان، پُڇي سيڻَ سُوارَ،
ويجهِي ٿِي وَڻِڪارَ، آرِياڻِي اِيندُسِ وَرِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 20 ]

ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، مَلِيرُ مُنھِنجو ماڳُ،
ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏيھَ ۾، ساڻُ سَرَتِيُنِ ساڳُ،
تَہ مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 4 ]

جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي، تَہ سَڀَاڳوم سَنئُون،
نِتُ نِتُ آھِ نَئُون، مُون کي پَسَڻُ پَنوَھارَنِ جو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 5 ]