وائِيءَ جي سنڌي معنيٰ
ڳالهہ جو يا جي، چوڻيءَ جو يا جي، سڏ جو يا جي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of saying
وائِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين،
ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 22 ]
ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 22 ]
ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي نَہ ڪِئائُون،
جٖي پَندِ پارِئائُون، تَہ سِگهائِي سَگها ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 2 ]
جٖي پَندِ پارِئائُون، تَہ سِگهائِي سَگها ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 2 ]
ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي ڪَنِ نَہ پاڻَ،
اَگها اِنَ اُھڃاڻَ، پَسو سُورَ سِجهايا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 3 ]
اَگها اِنَ اُھڃاڻَ، پَسو سُورَ سِجهايا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 3 ]
ڪاغَذُ لِکان ڪِيئَن، جِيئَن ھَڻِئو اَمُرُ اَڌَ ڪَري،
واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن،
رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي وائِيءَ ۾ وَرَ گَهڻا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 12 ]
واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن،
رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي وائِيءَ ۾ وَرَ گَهڻا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 12 ]
دِلِاسي جي داسَڙا، تان ڪا وائِيءَ وارِ،
جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ،
ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 42 ]
جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ،
ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 42 ]
English Meaning
Of saying