نِيَرُ جي سنڌي معنيٰ
زنجير، سَنڪِلِي، چين، سَنگر، نِئَرُ، واگهہ. ٻيڙي، اشڪول.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A chain, shackles, fetters.
نِيَرُ جا بيتن ۾ حوالا
ھِيءَ ڀَرِ ھِيءُ ھَنڌوسِ، ڪَوڙو ٿِيُسِ قَرِيبَ ري،
روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ،
عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو سِڪَ سَنڌوسِ،
ساھَڙَ ساھُ نِڌوسِ، نِيَرُ پائي نِينھَن جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 3 ]
روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ،
عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو سِڪَ سَنڌوسِ،
ساھَڙَ ساھُ نِڌوسِ، نِيَرُ پائي نِينھَن جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 3 ]
سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، ڪَپي ۽ ڪوري،
سَگهان نَہ چوري، ڏاڍو نِيَرُ نِينھَن جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 6 ]
سَگهان نَہ چوري، ڏاڍو نِيَرُ نِينھَن جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 6 ]
راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، وِجُهلَندو وِئو،
مُنھِنجو مَنُ مَينڌَري، پائي نِيَرُ نِيو،
ٻُجهان ڪو ٻِئو، سوڍي سانگُ چِتايو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 24 ]
مُنھِنجو مَنُ مَينڌَري، پائي نِيَرُ نِيو،
ٻُجهان ڪو ٻِئو، سوڍي سانگُ چِتايو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 24 ]
اي مِيان سَڄَڻَ، تو ري ڪِيئَن رَھندا نيڻَ مُنھِنجا،
جَنِ جو آڌارُ تُون،
جِئائِين اُلَهي اُڀَري، توڙي تِئائِين پَري،
توءِ وَڃِبو تَنِ ڏي، اَکڙِيُون پيرَ ڪَري،
بَخشِين بوڇَ بُڇايُون، ڪَچايُون ڪوڙيِين،
ڏاڍو نِيَرُ نِينھَن جو، سَگهان آئُون نَہ چوري.
[ سُر آسا، وايون، 2 ]

لوھَ جا پُونِ لَھِي، نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو،
ڪُنجِيُون جٖي قُفلَنِ جُون، سيڻَنِ ھَٿِ صَحِي،
وِئَڙا راڄَ رَھِي، ماڳو ماڳِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 13 ]
ڪُنجِيُون جٖي قُفلَنِ جُون، سيڻَنِ ھَٿِ صَحِي،
وِئَڙا راڄَ رَھِي، ماڳو ماڳِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 13 ]
لوھَ جا لَھِي وِئا، نِيَرُ نَہ لَھِي نِينھَن جو،
مارُوئَڙَنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُھلا ڏِينھَن ٿِئا،
ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 14 ]
مارُوئَڙَنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُھلا ڏِينھَن ٿِئا،
ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 14 ]
نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، لَھِي وِئا لوھَ،
اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 15 ]
اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 15 ]
لُوٺِيَسِ لاڳاپَنِ، نِنڊَ نِھوڙِيَسِ جيڏِيُون،
سَڄَڻُ ڏُونگَرَ چوٽِيين، آڏا سيلَهہ سُڄَنِ،
سي ڪِيئَن پِرِين پَسَنِ، جَنِي نِيَرُ ننگَ جو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 14 ]
سَڄَڻُ ڏُونگَرَ چوٽِيين، آڏا سيلَهہ سُڄَنِ،
سي ڪِيئَن پِرِين پَسَنِ، جَنِي نِيَرُ ننگَ جو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 14 ]
English Meaning
A chain, shackles, fetters.