نَظَرَ جي سنڌي معنيٰ
نگاھَ، نھارَ، ڏسڻي، نِرت، درشٽ، بصارت، ديد، جوت، نور، نظارو، ڏيکُ، ڏيکاءُ، لقاءُ، ديدار، درشن، سوچ، ويچار، غور.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Look, glance, sight, vision, view, care, supervision, careful thought, deliberation
نَظَرَ جا بيتن ۾ حوالا
مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ،
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]
روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو،
ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو،
ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
نَبِيءَ نِظارو، پِيَ پَسايو پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 13 ]
ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو،
ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
نَبِيءَ نِظارو، پِيَ پَسايو پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 13 ]
وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کي،
پييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏي، نَظَرَ نِماڻِيُون،
سي ڪِيئَن ٻيلِياڻِيُون، جَنِ وِيندو ھوتَ نَہ وارِئو.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 23 ]
پييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏي، نَظَرَ نِماڻِيُون،
سي ڪِيئَن ٻيلِياڻِيُون، جَنِ وِيندو ھوتَ نَہ وارِئو.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 23 ]
ڪوجها نَظَرَ ڪَنِ، اَکِيُنِ اَدَبُ ڇڏِئو،
کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 26 ]
کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 26 ]
نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي جوڙِجَنِ،
ساھُ اُنِين تان صَدقي، اَندَرُ سين عُضوَنِ،
لاھي تَنِ لَطِيفُ چئَي، اَنگَ پُڻ آڇِجَنِ،
قَلبُ قُربانِي ڪَرِيان، مَٿان دِلِ دوسِتَنِ،
ھِنيَين ۽ اَکِيُنِ، ڦاھِي کاڌِي پِرِينءَ لَيءِ.
[ سُر آسا، مجازي مام، 15 ]

پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، تَفرَقو طُورُ،
جَي نَظَرَ ۾ نُورُ، تَہ مِھتِ مَڙِهي سَڀَ ھِڪِڙِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 25 ]
جَي نَظَرَ ۾ نُورُ، تَہ مِھتِ مَڙِهي سَڀَ ھِڪِڙِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 25 ]
آهِينِ اَبُرَ آسِري، جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن،
ڪُونجُون سارِينِ روھَ کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن،
هُتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، هِتي نَہ ڀانيُمِ هِيئَن،
ڪوٺِيُنِ وِهان ڪِيئَن، جَي نَظَرَ بَندِياڻِي نَہ هُئان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 2 ]