موڪَلَ جي سنڌي معنيٰ
ڇُوٽِي، رضا، اجازت. اِذن. رِهائي، آزادي، ڇوٽڪارو، ڇوٽڪو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Leave, permission, furlough, discharge.
موڪَلَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين لُوتِڙيءَ تي لَلَ،
ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ،
آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مِينھَنِ کي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 15 ]

اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا،
سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ،
ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ جي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ،
اُڪَنڊِئا جي اَبُرَ کي، سي سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
موڪَلَ ٿِي مِينھَن کي، دوسِتَ ھَٿان دِلِدارَ،
قادِرَ پاڻِ قَسَمُ ڪِئو، خاڪِ قَدَمَنِ جي ڪَلتارَ،
آھِين ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻُ اَپارَ،
آگي آسِمانَ جو، ڪارِئو سَيرُ سَتارَ،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ، توسين قادِرَ ڪِئا قَرارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 5 ]

پَرٽِياڻِيءَ پَارَ، ڪِڍِيا ھوتَ پُنهونءَ لَئي،
آھِ اَسان جِي مَيَنِ تي، موڪَلَ جِي مَيارَ،
ٿِي وِرُونهي وَڻَنِ سين، جَهلِئو لامَ لِيارَ،
ڪَنڊَنِ ۽ ڪَرِيڙَنِ کان، پُڇي سيڻَ سُوارَ،
ويجهِي ٿِي وَڻِڪارَ، آرِياڻِي اِيندُسِ وَرِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 20 ]

اَڃا ڀيرو ھيڪِڙو، پَسِبِي مُومَلَ،
وَٺِي ويندِي پاڻَ سين، ڏِيندِي نَہ موڪَلَ،
ھِتِ وِيهُنِ ٿي وَڄايا، طَرحُنِ سين طَبَلَ،
جِن ھُيُون ڪَلَنگِيُون ۾ ڪَلَ، سي وِئا ڪَندي ڪاڪِ ڏي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 26 ]

مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي،
بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ،
ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،
ھُنِ سيڪِيندي ھَٿَڙا، مُون ڳاڙِيندي ڳَلَ،
چِيري چَندَنَ ڪاٺَ جِيئَن، سُورَ ڏِنائُون سَلَ،
مُون کي ڏِنا سَڄَڻين، ريءَ سِيراھِيءَ سَلَ،
ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، کُوري کانيَنِ کَلَ،
ڪَڏِھِين پيرَ پِيادا، ڪَڏِھِين مَٿي ڀَلَ،
مولِهِيا ماڪَ پُسايا، سِيءَ سُڪايَنِ کَلَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 13 ]

چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، هُرَنِ مَنجِهہ هِنيان،
ڪَڍُ بَندِياڻِي بَندَ مان، موڪَلَ ڏي مِيان،
وَڃِي ڏيھِہ ڏِيان، کِيرُون کَٿيرِنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 9 ]

وَرِئو وَرَقَ وِصالَ جو، موڪَلَ ٿِي مُون،
لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَـهَا ، تَنَ ۾ تُونھِين تُون.
مَنَ مَنجهان را مُون، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 16 ]

اَڄُ پُڻ آندِيُون اوٺِيين، ڪِتابَتُون ڪي،
ڳالِهيُون ڳوٺايَنِ جُون، سُڻُ تُون عُمَرَ سي،
نٓ وَ الْقَلَمِ وَ مَا یَسْطُرُوْنَ ، پاتا پيرَ پِريين،
حٰم طٰس يٰس جا، اُهڃَ ڏِنائُون اي،
موڪَلَ ڏي مُون کي، ساڻيھَ جِي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 19 ]