قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ جي سنڌي معنيٰ
”اوھان چئو تہ اھو ئي رحمان آھي ۽ اسان ان تي ايمان آندو آھي.“
(قرآن مجيد جي سورہ الملڪ جي آيت نمبر 29)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Say: 'He is the Merciful. In Him we believe and in Him we put all our trust'."
(Holy Quran, Soorah Al-Mulk, Ayah No: 29)
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ جا بيتن ۾ حوالا
کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، ساڄا سِڙَه سباءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَ اولِيُون، لاڄُو سَڀَ لَڳاءِ،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، کُوھا خُوبُ کَڻاءِ،
تَہ سامُونڊِي سَندِياءِ، سَچِي ساکَ اُبَھي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 24 ]

تييُون توشو تِوڻِ نَہ ڪا، ڌُرِيائِينِ ڌارِينِ،
ڏُکِئا سُکِئا ڏِينھَڙا، ٿا گهَٽَ اَندَرِ گهارِينِ،
تَوَڪَلَ ٻَڌائُون تُرَھو، ٻِي وائِي نَہ وارِينِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، اِتي اِخِتيارِينِ،
پَرِ چَڱِي پارِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 3 ]

ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِين جو اَڀاڳُ،
قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 12 ]
قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 12 ]
اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ،
سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ،
فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ اُنِ،
قُلۡ هُوَ ٱللَّهُ أَحَدٌ ، ٿا مَنجهان پِرتِ پَڙَهنِ،
سَعادَتَ سَرِيَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 1 ]

ظييَئُون ظاھِرُ ذَوقَ سين پَنجَ ئِي ڪَنِ پُورا،
ھَلَنِ واٽَ سَماءَ ۾، ڳاڙي ڳَلِ ڳوڙھا،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، پُورَڀَ ۾ پُورا،
هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ ، سامِي مَنجِهہ سُورا،
ٿِي چاڪَنِ سين چُورا، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 17 ]

غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَناسِيَنِ،
ڊِڄئو ڊاءِ اللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ،
ريءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجَهنِ،
إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلرَّزَّاقُ ذُو ٱلۡقُوَّةِ ٱلۡمَتِينُ ، سامِيَنِ سَڏَ سُڄَنِ،
جوڳِي جُنگَ جَلَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 19 ]

قَيدُ الماءِ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِئو،
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، جِيئَن ٿَرِ مارُو آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 11 ]
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، جِيئَن ٿَرِ مارُو آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 11 ]
جِھَڙو قَيدُ الماءِ ، تِھَڙو بَندُ نَڪو ٻِئو،
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، لَھي نَہ تِرُ تِئان،
عُمَرَ تو ھَٿان ٿِئي آجائي آجَڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 12 ]
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، لَھي نَہ تِرُ تِئان،
عُمَرَ تو ھَٿان ٿِئي آجائي آجَڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 12 ]
English Meaning
"Say: 'He is the Merciful. In Him we believe and in Him we put all our trust'."
(Holy Quran, Soorah Al-Mulk, Ayah No: 29)
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ٻول جا زمرا