عِشقَ جي سنڌي معنيٰ
لنئون، تمام گهڻو پيار، پريتڻو، موھ، قرب، نينھن. تمنا، چاھ، شوق، رغبت
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Love, affection
عِشقَ جا بيتن ۾ حوالا
مَندُ پئَندي مُون، ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
پِي پِيالو عِشقَ جو، سَڀُڪِي سمجِهوسُون،
پِريان سَندي پارَ جِي، اَندَرِ آڳِ اَٿُون،
جِيئَڻُ ناھِ جَڳَ ۾، ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون،
اَلا! عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آهين تُونھِين تُون،
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 33 ]
پِي پِيالو عِشقَ جو، سَڀُڪِي سمجِهوسُون،
پِريان سَندي پارَ جِي، اَندَرِ آڳِ اَٿُون،
جِيئَڻُ ناھِ جَڳَ ۾، ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون،
اَلا! عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آهين تُونھِين تُون،
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 33 ]
عِشقَ جي اَسبابَ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون،
آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 8 ]
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون،
آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 8 ]
عِشقَ تُساڏي مَين عاجِزُ ڪِيتِي وو مَيڏي مِيان،
دَردَ رانجَهن دي گهايَلِ ڪِيتِي،
ھِڪُ جِيئَن سُھڻا، ٻِيجِي بي پَرواھِي،
ويڄَ طَبِيبَ مَين پُڇَندي ٿڪِي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 11 ]
دَردَ رانجَهن دي گهايَلِ ڪِيتِي،
ھِڪُ جِيئَن سُھڻا، ٻِيجِي بي پَرواھِي،
ويڄَ طَبِيبَ مَين پُڇَندي ٿڪِي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 11 ]
ڌُوڌا تُون نَہ ڌَئِين، آڳِ اوڏو ئِي نَہ وَڃين،
اُلا جي عِشقَ جا، سي تان تُون نَہ سَھِين،
اَڃا ٿو چَئِين، تَہ آڳَڙِيو آھِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 14 ]
اُلا جي عِشقَ جا، سي تان تُون نَہ سَھِين،
اَڃا ٿو چَئِين، تَہ آڳَڙِيو آھِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 14 ]
عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو،
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون بَناءِ،
اَٺيتالِيھَہ عِشقَ جُون، واڳُون وِيرَ وَٽاءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَہ اولا، سَتِرَھَن سِڙَه سِباءِ،
سَمُنڊَ ۾ سَيِّدُ چئَي، اَپَرِ آھِ اُونداھہ،
جِتِ مانگَر مَڇَ مِڙِيا، اُتِ گوشي جَهلِ غُراب کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 2 ]

پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِڃاءِ،
عِشقَ ساڻُ اُٺاءِ، پيرُ پِريان جي پارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 35 ]
عِشقَ ساڻُ اُٺاءِ، پيرُ پِريان جي پارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 35 ]
آڳَھَ عِشقَ وارِيين، جَڏھِن کَنيا جَنِ،
تَڏِھِين رَسِئا تَنِ، ميھَڻا مُحِبَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 37 ]
تَڏِھِين رَسِئا تَنِ، ميھَڻا مُحِبَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 37 ]
تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي، جَنھِن عِشقَ سين آگاھَ،
پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 41 ]
پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 41 ]
جِئان وَھي تِئان واٽَ، ڪَپرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ،
جَنِ کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واھُڙُ ڀائِينِ وِکڙِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 4 ]
جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ،
جَنِ کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واھُڙُ ڀائِينِ وِکڙِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 4 ]
English Meaning
Love, affection