سِيءَ جي سنڌي معنيٰ
سردي، ٿڌ، سِياٽي، ٺار، ٺَنڀُ، ٺَمُ. ساڙ، پالو، پارو. سرد هَوا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cold.
سِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
ڍولو وِئَڙو ڏُورِ، آئُون ٿِي سِيءَ گُذارِيان،
مادَرِ مُون مَ چورِ، نَہ تَہ پَڌَرِ پُوندِي پِريَڙِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 13 ]

ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سَنجهي سِيءَ مَران،
ڪوڙيِين ڪَپاھَنِ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران،
تارِيءَ تَنھِن تَران، جَنھِن وَرَ وِھاڻِيءَ ووڙِئو.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 23 ]

ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]

ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، صُورَتَ کانيَنِ سِيءَ،
اُڀِيَنِ گَهڻي اَدَبَ ۾، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ،
جوڳِيَنِ پانھِنجا جِيءَ، لِلہِ ڪارَڻِ لُٽِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 22 ]

پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ،
مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ نَہ ڌِيءَ،
پَسو جَلايا جِيءَ، ويراڳِيَنِ ويراڳَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 23 ]

مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي،
بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ،
ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،
ھُنِ سيڪِيندي ھَٿَڙا، مُون ڳاڙِيندي ڳَلَ،
چِيري چَندَنَ ڪاٺَ جِيئَن، سُورَ ڏِنائُون سَلَ،
مُون کي ڏِنا سَڄَڻين، ريءَ سِيراھِيءَ سَلَ،
ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، کُوري کانيَنِ کَلَ،
ڪَڏِھِين پيرَ پِيادا، ڪَڏِھِين مَٿي ڀَلَ،
مولِهِيا ماڪَ پُسايا، سِيءَ سُڪايَنِ کَلَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 13 ]

ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سِيءَ مَران سَڀَ راتِ،
ڪامِلَ ڪَپاھَنِ ۾، جَهپَ نَہ اَچي جهاتِ،
اَچين جي پِرِڀاتِ، تَہ آئُون سِيءُ نَہ سارِيان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 22 ]