سُرمو جي سنڌي معنيٰ
اکين ۾ پائڻ لاءِ ھڪ قدرتي ڪارو سفوف، اکين ۾ پائڻ جو ڪاري رنگ جو پيٺل هڪ پٿر، سوئيرو، انجن. رڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Antimony, collyrium, stibium, eyesalve
سُرمو جا بيتن ۾ حوالا
يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي،
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ،
جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ جِي، آھِ حُسُنَ جِي هاڪَ،
سُرمو سَھِي ڪَرِ اَکِيُنِ جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،
عَبدِالْلَطِيفُ چي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 11 ]

نَہ ڪِي ٻانھَڙِيُنِ ۾، نَہ ڪِي ڳَرِ ھومِ،
نَہ سُرمو نَہ سُونھَن ڪا، نَہ سِينگارُ ڪِئومِ،
تَڏِھِين پِرِين سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ کَڻي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 11 ]
نَہ سُرمو نَہ سُونھَن ڪا، نَہ سِينگارُ ڪِئومِ،
تَڏِھِين پِرِين سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ کَڻي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 11 ]
سُرمو سِياھِيءَ جو، رَنُنِ کي رِھاءِ،
ڪانِيۡ ڪارائِيءَ جي، مُڙسُ ٿِي مَ پاءِ،
اَکِيُنِ ۾ اَٽِڪاءِ، لالائِي لالَڻَ جِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 35 ]
ڪانِيۡ ڪارائِيءَ جي، مُڙسُ ٿِي مَ پاءِ،
اَکِيُنِ ۾ اَٽِڪاءِ، لالائِي لالَڻَ جِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 35 ]
سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ،
تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ، ريٽي جِھَڙِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 36 ]
تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ، ريٽي جِھَڙِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 36 ]
سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ،
تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 37 ]
تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 37 ]
English Meaning
Antimony, collyrium, stibium, eyesalve