سائِرُ جي سنڌي معنيٰ
سمنڊ، ٻار، بحر، درياءُ، ساگر. کارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The sea, the river.
سائِرُ جا بيتن ۾ حوالا
تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي، جَنھِن عِشقَ سين آگاھَ،
پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 41 ]
پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 41 ]
سو ساھَڙُ سا سُهڻِي، سائِرُ پُڻ سوئِي،
آھي نِجو ئِي، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرِ ڳالِهڙِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 45 ]
آھي نِجو ئِي، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرِ ڳالِهڙِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 45 ]
جهولَ نَہ جَهلِي سُهڻِي، سائِرُ سَٽَ سَندِياسِ،
جَنھِن اِھَڙِي ڄائِي عاجِزَ، سا مَرُ مَرَڪي ماسِ،
پَسِين جَي پِياسِ، تَہ ڪِي عِشقُ آڻِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 16 ]
جَنھِن اِھَڙِي ڄائِي عاجِزَ، سا مَرُ مَرَڪي ماسِ،
پَسِين جَي پِياسِ، تَہ ڪِي عِشقُ آڻِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 16 ]
اَکِيُون مُنھُن ميھارَ ڏي، جَنِ رَکِيُون جوڙي،
ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 6 ]
ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 6 ]
سَميعُ بَصِيرُ عَلِيمُ، حَيُ ھَميشه، سو شَيءُ سائِرُ سَدائِين،
ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، ڏَسَڙو ڏِنائِين،
جانۡ ڪو جِيين ڏِينھَڙو، تان ڏوري لَھُ مَنجهائِين.
[ سُر آسا، وايون، 10 ]
ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، ڏَسَڙو ڏِنائِين،
جانۡ ڪو جِيين ڏِينھَڙو، تان ڏوري لَھُ مَنجهائِين.
[ سُر آسا، وايون، 10 ]
English Meaning
The sea, the river.