رِھاڻِ جي سنڌي معنيٰ
محبت واري رُڻ جهُڻ، دل وڻندڙ ڳالهہ ٻولهہ، مزيدار گفتگو، مارڪو، خوشيءَ جي مجلس، صحبت، ورونهہ، لَٽڪو چٽڪو. رُڌ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pleasant conversation, entertaining chat.
رِھاڻِ جا بيتن ۾ حوالا
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ،
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
پيھِي جانۡ پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِھاڻِ،
نَڪو ڏُونگَرَ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا ڪيچِنِ ڪاڻِ،
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، جانۡ سَسُئِي تان سُورَ ھُئا.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 2 ]
نَڪو ڏُونگَرَ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا ڪيچِنِ ڪاڻِ،
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، جانۡ سَسُئِي تان سُورَ ھُئا.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 2 ]
ھِيڪَلِيائِي ھاڻِ پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،
ليڙَنِ سين لَطِيفُ چئَي، پُوندِيَسِ پَنڌِ پَرياڻِ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ،
ڪَندِيَسِ ڪوھِيارَلِ سين، رُچِي رُوحَ رِھاڻِ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ، پَرَ سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 13 ]

اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، جَنھِن سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو،
ھُوندَ نَہ ڪَڍِيَمِ ھيتِريِ، ڪوھِيارِي جِي ڪاڻِ،
رَتِيءَ جي رِھاڻِ، جِيءُ اَڙايُمِ جَتَ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 18 ]
ھُوندَ نَہ ڪَڍِيَمِ ھيتِريِ، ڪوھِيارِي جِي ڪاڻِ،
رَتِيءَ جي رِھاڻِ، جِيءُ اَڙايُمِ جَتَ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 18 ]
سَمَرُ نَہ جَنِي ساڻِ، ھوتُ حِمائِتِي تَنِ جو،
ڇَنا اَڏِبا ڇَپَرين، اِيندو پُنهون پاڻِ،
ٿِيندِي رُوحَ رِھاڻِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 5 ]
ڇَنا اَڏِبا ڇَپَرين، اِيندو پُنهون پاڻِ،
ٿِيندِي رُوحَ رِھاڻِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 5 ]
آتَڻُ اورانگهي وِئا، پُٺِيءَ توڏَنِ تاڻِ،
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھُنِ پُڄَندي ھاڻِ،
رائي ۾ رِھاڻِ، ھَلُ تَہ ٿِئي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 27 ]
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھُنِ پُڄَندي ھاڻِ،
رائي ۾ رِھاڻِ، ھَلُ تَہ ٿِئي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 27 ]
ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون اَماڻِ،
اَسان تو رِھاڻِ، موٽِي ڪا مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 5 ]
اَسان تو رِھاڻِ، موٽِي ڪا مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 5 ]
اللهَ واري آڻِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، ڪوھِيارِي جي ڪاڻِ،
ڪَندِيَسِ ڪوھِيارَل سين، رائي مَنجِهہ رِھاڻِ،
رِڻُ جهاڳِندِيَسِ راتِ جو، ساٿِي کَڻَندِيَسِ ساڻُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڄَڻُ گُهرِجي ساڻُ.
[ سُر حسيني، وايون، 23 ]

راڻي سين رِھاڻِ، ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾،
موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ،
سي ھَنڌَ پَسِئو ھاڻِ، وَڃي ھِنيُون وِرڄِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 17 ]
موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ،
سي ھَنڌَ پَسِئو ھاڻِ، وَڃي ھِنيُون وِرڄِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 17 ]
ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، ھَي راڻي سين رِھاڻِ،
اَچِي پَسو جيڏِيُون، پِرِين وِڏوڻُو پاڻَ،
سي ھَنڌَ پَسِي ھاڻِ، وارِيءَ جِيئَن وِرڄي ھِينُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 18 ]
اَچِي پَسو جيڏِيُون، پِرِين وِڏوڻُو پاڻَ،
سي ھَنڌَ پَسِي ھاڻِ، وارِيءَ جِيئَن وِرڄي ھِينُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 18 ]
English Meaning
Pleasant conversation, entertaining chat.